چاچر (تال)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چاچر موسيقيءَ جي فن ۾ هي ٻارهن ماترائن جو تال آهي، جيڪو چئن حصن ۾ ورهايل هوندو آهي. هن تال جو پهريون ۽ ٽيون حصو ٽن ٽن ماترائن جو، ٻيو ۽ چوٿون حصو چئن چئن ماترائن جو ٿئي ٿو. جڏهن ته اُن جو اٺون حصو خالي هوندو آهي. ان سميت چوٿين ۽ يارهين حصي ۾ ماتراتي تال ايندي آهي. هن تال جو پهريون ٺيڪو ڌا- ڌن- ان- ڌاگي- تن - ان، ناتن—ان- ڌاگي ڌن- ان ۽ ٻيو ٺيڪو ڌا- ڌا- آ- ت- ٽ - ت - ن، تا- تا- آ، ڌن- ڌن هوندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012