مواد ڏانھن هلو

چانيھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چانيهو:


نالا: ع. زبد البورق، ف. بوره، هه. وغيره___ چانيهه ۽ عقرن.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: معدي کي، ميل: مصطگي ۽ کؤنر، وزن: هڪ ماسي کان چئن ماسن تائين. سڃاڻپ: هڪ قسم جي کار آهي جيڪا اڇي رنگ تي ذائقي ۾ تيز ٿيندي آهي. خاصيت: معدي ۽ آنڊن جي رطوبت کي خشڪ ڪري ٿو، وائي بادي وڃائي ٿو، معدي جي ڪيڙن کي ماري ٿو، طعام کي هضم ڪري ٿو، پيٽ جي سور، کنگهه، رت جي دستن، ٻاهه سوريءَ لاءِ مفيد آهي، هن جي لپري سخت سوڄ ۽ سور ۾ فائدو ڏئي ٿي. اکين جي کاڌ، پاڻيءَ جو وهڻ، خارش ۽ ڦٽن ۽ ڦرڙين لاءِ سٺي دوا آهي.[1]،

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو