چاند بيبي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
چاند بيبي
بيجاپور ۽احمد نگر جي ملڪہ

Chand Bibi hawking, an 18th-century painting
جيون ساٿي علي عادل شاھ I
پيءُ حسين نظام شاھ I
جنم 1550 CE
لاڏاڻو 1599 CE
مذھب اسلام

چاند بيبي:Chand Bibi (1550–1599 CE), بيجاپور ۽ احمد نگر جي سلطنت جي حاڪم ۽ سورمي ھئي.[1] ھيء 1595 ۾ اڪبر جي مغل ايمپائر جي فوج جي احمد نگر تي حملي دوران ان خلاف دفاعي جنگ وڙھڻ جي ڪري مشھور ٿي ويئي[2]

تفصيلي تعارف[سنواريو]

چاند خاتون يا چاند بيبي، حسين نظام شاهه بحريءَ جي ڌيءُ هئي، جو دکن هندستان جي نظام شاهي خاندان مان هو. هن قريب سوا سئو ورهيه دکن ۾ حڪومت ڪئي، ۽ سندس تخت _ شهر احمد ننگر هو. هوءَ علي عادل شاهه جي بيبي هئي، جو عادل شاهي خاندان مان هو، ۽ جنهن جو تختگاهه بيجارپور هو. علي عادل شاهه جي مرڻ تي، هوءَ بيجا پور مان احمد ننگر ۾ اچي رهڻ لڳي.[3] اڪبر بادشاهه جڏهن وچ ۽ اُتر هندستان جو ڪم لاهي رهيو، تڏهن دکن جي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيائين. شاهه مراد ۽ مرزا خانخانه کي انهيءَ لاءِ موڪليائين. انهيءَ وقت احمد ننگر جي تخت تي برهان نظام شاهه هو. نظام شاهه برار جو صوبو اڪبر کي نذرانو ڪري ڏنو هو، پر انهيءَ ڪم پوري ٿيڻ کان اڳي ئي برهان شاهه مري ويو، ۽ برار تي اڪبر جو قبضو ٿي نه سگهيو. شهزادو مراد ۽ خان خانان لشڪر سميت گجرات ۾ لٿا پيا هئا، ته من انهيءَ جي هٿ ڪرڻ جو وجهه ملي. انهيءَ وچ ۾ برهان شاهه جي جانشين ابراهيم شاهه، اميرن کي ماري وڌو، ۽ منجهو خان شاهي وڪيل، آهنگ خان ۽ اخلاص خان _ انهن ٽنهي اميرن جي وچ ۾ تخت نشيني جي لاءِ جهيڙو هو. هر ڪنهن پنهنجو پنهنجو بادشاهه بنايو. نيٺ منجهن نفاق وڌيو، ۽ خونريزي ٿيڻ لڳي. منجهو خان ڪاوڙ ۽ ساڙ مان شهزادي مراد کي لکيو ته ”نظام شاهي حڪومت جي قوت گم ٿي وئي، اوهين هيڏي اچو ته آءٌ اوهان کي احمد ننگر جو قلعو حوالي ڪريان“. مراد اُٿي اوڏي هليو، ۽ خانخانان به بدخشان جي واليءَ شاهه رخ مرزا، شهباز خان، راجا جگناٿ، راجا درگا، رامچندر ۽ ٻين اميرن کي وٺي روانو ٿيو. جڏهن اُهي سڀ احمد ننگر کي ويجهو آيا، تڏهن منجهو خان جي اک پٽي، ۽ هو پنهنجي تڪڙ ۽ اُٻهرائيءَ تي ڏاڍو پشيمان ٿيو، ڇالاءِ جو انهيءَ وچ ۾ هو ٻين کي دٻائي پاڻ زور وٺي خودمختار ٿي ويو هو _ لاچار قلعو ڇڏي ٻاهر نڪتو. چاند خاتون ڏٺو ته اسان جي ابي _ ڏاڏي جي حڪومت ٿي گُم ٿئي، تنهن پڪو ارادو ڪيو ته ڪنهن به طرح پنهنجي بادشاهي بچائينديس. پهرين ته هن ڪن مخالف اميرن کي تجويز سان قلعي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ڪن کي وري پرچائي ٺاهي ڇڏيائين. گولڪنڊا جي بادشاهه قطب شاهه ۽ بيجارپور جي بادشاهه عادل شاهه کان مدد گهريائين، ۽ قلعي کي چوڌاري مضبوط ڪري، شهزادي مراد ۽ خان خانان جي لاءِ منتظر ٿي ويهي رهي. 23 تاريخ ربيع الثاني سنه 1004ھ (1595ع) جي، شهزادي پنهنجي فوج قلعي تي آندي. چاند خاتون به حڪم ڏنو ته اسانجين توبن جا منهن کولي ڇڏيو. اهو سارو ڏينهن مراد مٿا هنيا ته قلعي تائين وڃون، پر اڳتي چُري نه سگهيو. شام جو مراد ٿڪجي موٽي ويو. ٻئي ڏينهن شهزادو مراد، شاهه رخ مرزا خانخانان، شهباز خان، راجا جنگنه ناٿ ۽ ٻيا، قلعي کي چوڌاري گهيرو ڪري ويهي رهيا. چاند خاتون جي مدد لاءِ ڪي نظام شاهي امير آيا، پر خانخانان انهن کي قلعي ڏي وڃڻ نه ڏنو. اهو گهيرو مهينن جا مهينا هليو، پر ته به هو قلعو وٺي نه سگهيا. هوڏي چاند خاتون جي مدد لاءِ عادل شاهه پنجويهه هزار سوار آندا، قلب شاهه پنج _ ڇهه هزار سوار ۽ ڪي پيادا آندا، ۽ منجهو خان، اخلاص خان ۽ آهنگ خان نظام شاهي اميرن به پنهنجي فوج آندي: انهيءَ طرح هڪ زبردست فوج گڏ ٿي ويئي.

شھزادي چاند بيبي 1595 ۾ احمد نگر جو دفاع ڪندي

هيءَ خبر ٻڌي، شهزادو مراد ڊڄي ويو. نيٺ، صلاح ڪري ٺهراءُ ڪيائون ته انهيءَ مددي فوج جي اچي پهچڻ کان قلعو وٺجي، پر وڙهي اندر وڃڻ ته مشڪل هو! ٽن مهينن ۾ هنن قلعي جي ٺُل تائين پنج ڳُجهيون سرنگهون کوٽيون، ۽ انهن ۾ باروت وڌائون، انهيءَ لاءِ ته انهن کي باهه ڏيئي قلعو اُڏائي ڇڏين. پر چاند خاتون کي انهن سرنگهن جي خبر پئجي ويئي. هڪدم انهن سرنگهن جو باروت ڪڍائي، انهن کي مٽيءَ سان ڀرائڻ لڳي. مراد کي ته تڪڙ هئي ته انهيءَ قلعي جي فتح رڳو منهنجي نالي ٿئي. خان خانان جو نالو ئي نه ٿئي، سو هن کي خبر ڏيڻ کانسواءِ، ٻنپهرن جو لشڪر وٺي آيو ته باروت باهه ڏيئي قلعو اُڏائي ايتري ۾ چاند خاتون ٻه سرنگهون ڀرايو هيون، ۽ ٽي پئي ڀرايائين، ته شهزادي باروت کي باهه ڏيڻ جو حڪم ڏنو. اهڙو اوچتو ٺڪاءُ ٿيو، جو ماڻهن ڀانيو ته گوڙ، سان آسمان ڦاٽي پيو، ۽ ڪوٽ جي ڀت جا پنجاهه گز ڪِري پيا. سامهون شهزادو، پنهنجن راجپوتن ۽ مغلن جي لشڪر سان، نظر آيو. بس، قيامت لڳي ويئي. ڪم ڪرڻ وارن پنهنجو ڪم ڇڏي ڏنو، سپاهين جا هٿ پير ساڻا ٿي پيا، ۽ لشڪر جا سردار ڀڄي ويا: مطلب ته ساري قلعي ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. چاند خاتون جي همت ڏسو! هڪدم هٿيار ٻڌي، گهوڙي تي چڙهي ۽ ترار کڻي، پردي کان ٻاهر ٿي. شهزادي اڃا پئي ويچار ڪيو ته باقي ٻه سرنگهون به ڇٽُن، ته پوءِ قلعي تي حملو ڪريان، پر خبر تڏهن پيئس، جڏهن جهٽ ۾ چاند خاتون انهيءَ ڀڳل ڀت وٽ سوين توبون بيهاري ڇڏيون، ۽ ساري فوج کي همتائي ۽ دڙدلاسو ڏيئي، جنگ لاءِ تيار ٿي بيهي رهي. مغل ۽ راجپوت ڏاڍي زور شور مان ڪاهي آيا. شهزادي ڏاڍا مٿا هنيا، پر چاند خاتون هڪڙو انچ به اڳتي وڌڻ نه ڏنس.. اها جنگ اهڙي همت ۽ دليريءَ سان هن ڪئي، جو شام تائين قلعي جي کاهي راجپوتن ۽ مغلن جي لاشن سان ڀرجي ويئي. آخر، شهزادو نااميد ٿي موٽي ويو. رات جو چاند خاتون هٿيار ٻڌي اچي ڀڳل ڀت وٽ بيٺي. ۽ پنجاهه ئي گز وري کڙا ڪري، جوڙائي ڇڏيائين. صبح جو مراد کي اها ڀت صحيح سالم ڏسي، حيرت لڳي ويئي. مراد ڏاڍو شرمندو ٿيو، ۽ همت هارجي ويس. نااميديءَ ۾، سڀني اڪبري اميرن پاڻ ۾ صلاح مشورت ڪئي. جڏهن ڏٺائون ته هيءُ قلعو وٺڻ آسان نه آهي. تڏهن صلح ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون. چاند خاتون_ جنهن کي انهيءَ لڙائيءَ کان پوءِ ”چاند سلطانه“ جو خطاب ڏنو ويو _ پهرين صلح ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جو پڪ هيس ته هنن کي سگهوئي ڀڄائي سگهبو، پر جڏهن ڏٺائين ته قلعي اندر رهندڙ ماڻهو گهڻا مهينا بند رهي رهي ٿڪجي پيا هئا، تڏهن انهن جي منٿن تي لاچار صلح منظور ڪيائين، ۽ جيئن فوتي بادشاهه انجام ڪيو هئو، انهيءَ موجب، برارجو صوبو شهزادي مراد جي حوالي ڪيائين.[4] چاند بيبيءَ جي نسبت ۾ ڪتابن وارن عجيب عجيب ڳالهيون لکيون آهن. خافي خان پنهنجيءَ تاريخ ۾ لکي ٿو ته ”هن پهرين مغلن جي لشڪر تي چانديءَ جا گولا توبن مان هنيا، ۽ جڏهن اهي کپي ويا، تڏهن ٽامي جا هنيائين، ڪي چون ٿا، سون جون اشرفيون به هنيائين، ۽ جڏهن اهي پوريون ٿيون ۽ جواهرات به کٽڻ تي آئي، تڏهن صلح ٿي پيو“. [5]

حوالا[سنواريو]

  1. "Women In Power: 1570-1600". وقت 2006-12-19 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2006-12-24. 
  2. Sen, Sailendra (2013). A Textbook of Medieval Indian History. Primus Books. pp. 118–119. ISBN 978-9-38060-734-4. 
  3. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 20 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 20 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  4. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 20 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 20 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  5. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 20 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 20 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}