چال مونگرو
چال مونگرو:
نالا: عربي - مونجرا، فارسي - برنج مونگرا، گجراتي - چاول مونگرا، انگريزي - (Gyhocadia Odorata). سڃاڻپ: هڪڙي قسم جو وڻ آهي، جو چاليهه پنجاهه فوٽ ڊگهو پيچدار ۽ جابلو جاين تي ٿئي ٿو. هن کي سيتاڦل جهڙو ڦر ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڳر ۽ ٻج ٿيندا آهن. سندس ٻجن مان تيل ڪڍيو وڃي ٿو، جو سردين ۾ ڄمي پوندو آهي. ٻجن جو مغز ٻاهران ڪارو، اندران هيڊي چٽ تي اڇو، اَريٺن جي مغز وانگي ٿئي ٿو. پراڻن ٻجن جو تيل اهڙو ڪارائتو نٿو ٿئي. هن جو مؤثر جوهر گائنو ڪارڊڪ ايسڊ آهي. سير ٻجن مان پاءُ تيل نڪري ٿو. رنگ زرد ذائقو ڦڪو. مزاج: ٽئين درجي ۾ گرم خشڪ. مقدار خوراڪ: ٻج ٽي رتيون، تيل پنجن کان پندرهن ڦڙن تائين، (هي وزن 60 ڦڙن تي آڻي سگهجي ٿو.) پيدائش: اوڀر پاڪستان ۽ اُتر برما وغيره. خاصيت: هيءَ جذام (ڪوڙهه) لاءِ اندران ٻاهران ڪتب اچي ٿو. هن جا ٻج ڪٽي گورين جي شڪل ۾ ٽي عدد ٽي دفعا روزانو ڏيندا آهن ۽ انهن جو وزن وڌائبو وڃبو آهي، جيستائين الٽيون ۽ اوڪارا پيدا ٿيڻ لڳن، ان کان پوءِ ڪجهه عرصي تائين علاج بند ڪيو ويندو آهي. هن جو تيل به اهڙي ريت شروع ۽ ختم ڪرايو وڃي ٿو. هن جي استعمال ڪرڻ واري عرصي ۾ ترش، گرم ۽ مصالحن دار شين کان پرهيز ڪرائي وڃي ٿي، ۽ سڻڀيون غذائون ڏنيون وينديون آهن. بيروني طور هن جي تيل ۾ هم وزن نمورين جو تيل ملائي لڳايو وڃي ٿو. شروعات ۾ هي گهڻن مريضن جي مزاج موافق نٿو ٿئي، ليڪن معدي کي هن جي برداشت ڪرڻ جي عادت پئجي وڃي ٿي. هن کي کاڌي مٿان استعمال ڪرڻ گهرجي، ورنه معدي ۾ خارش پيدا ڪري الٽيون آڻي ٿو.[1]،
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو