چئوماسو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
A: sea breeze; B: land breeze.

مون سون (انگريزي ٻولي: Monsoon) اصل ۾ عربي ٻولي جو لفظ آهي. جيڪو اصل ۾ موسم لفظ مان نڪتل آهي. عربَ، سمنڊ مان اٿندڙ هوائن کي موسمن سان لاڳاپيندي، انهن کي مون سون چوندا هئا. پوءِ اڳتي هلي، عربيءَ جو اهو لفظ انگريزي ٻولي ۾ به مون سون جي طور تي ئي ڪَتب اچڻ لڳو. سمنڊ مان اٿندڙ هوائون عرب ملڪن ۾ اونهاري جا ڇهه مهينا يعني اپريل کان سيپٽمبر تائين لاڳيتو ڏکڻ طرف کان لڳنديون آهن. پر سنڌ ۾ اهي هوائون اونهاري جا چار مهينا يعني جون، جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ لڳن ٿيون. انهي ڪري سنڌي ٻولي ۾ انهن هوائن کي چوماسو يا چئوماسو سڏيو وڃي ٿو . ڇو جو اونهاري جي موسم واري چئوماسي دوران اتر اولهه ڀارت ۽ پاڪستان جي هڪ وڏي ايراضي مٿان هوا جو گهٽ دٻاءَ (انگريزي ٻولي: Low pressure) پيدا ٿئي ٿو. ڏاکڻين علائقن ۾ وري گهڻي دٻاءَ (انگريزي ٻولي: High pressure) جو خطو قائم ٿيڻ ڪري ڏکڻ اولهه طرف کان تيز هوائون لڳڻ شروع ٿينديون آهن. انهن اولهه کان ڏکڻ وارين تيز هوائن کي تجارتي هوائون (انگريزي ٻولي: Trade winds) به چيو وڃي ٿو، جن کي سنڌ ۾ واهوندي جون هوائون به چيو وڃي ٿو. جيڪي ڏکڻ هندي سمنڊ مان اٿن ٿيون. اهي هوائون گرم ۽ گهميل هونديون آهن. انهن گهميل هوائن جي شروعات اپريل کان ٿيندي آهي، توڻي جو اهي وڌنديون ۽ گهٽبيون رهن ٿيون، پر اهي سيپٽمبر تائين لڳنديون رهنديون آهن ۽ اهي هوائون پاڻ سان ججهي مقدار ۾ ڪڪر کڻي اينديون آهن. ننڍي کنڊ جي انهن ايراضين ۾ جتي اتر اوڀر رخ وارا جبل موجود آهن، اهي ڪڪرن سان ڀرپور هوائون انهن سان ٽڪرائجي گهڻو مينهن وسائينديون آهن. مثال طور: ممبئي جا اولانهان گهاٽ، اتر اولهه ڀارت، تامل ناڊو، اتر اوڀر پاڪستان، ميانمار، بنگلاديش، اڀرندو هماليه، آسام جون ٽڪريون، ميگهاليا، گنگا ۽ اراوڌي ندين جو ڊيلٽائي علائقو وغيره. انهن هوائن جي دائري ۾ اچي ٿو. [1] [2]

حوالا[سنواريو]

سانچو:موسم سانچو:برسات