ڄٻير ذات
ڏيک
سنڌ ۾ ڄٻير (Jjabbeer) ذات جا مهاڻا آهن، جن کي جهٻير، جهٻيل، جبير ۽ جبيل به چون ٿا. اهي هينئر به ڪشمير ۽ پنجاب طرف ججهي انگ ۾ آهن. سمن جي صاحبيءَ ۾ توڙي شاهه لطيف جي وقت ۾ اهي گهڻو ڪري ڪنجهر ڍنڍ ڏي ماڱر (ماڃر) ذات وارن مهاڻن سان گڏ رهندا هئا. شاهه عبدالطيف ڀٽائي پڻ انهيءَ ذات کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪيو آهي.[1]
”سميون ڪري سينگار، راءُ ريجهائڻ آئيون، ڄـــام هــــٿ ۾ ڄـــار، ڄــلي ڄـــٻــيرن وچ ۾.“ (شاهه)
حوالا
[سنواريو]- ↑ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي آرڪائيو ڪيا ويا 2017-10-17 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي ادبي بورڊ