مواد ڏانھن هلو

ڄام ڏاتار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جي صوفي بزرگ حضرت سيد علي اصغر شاه المعروف حضرت سخي ڄام ڏاتار جو ساليانو ٽن ڏينهن وارو عرس مبارڪ 12 نومبر تي ضلعي نوابشاه ۾ ٿيندو آھي۔ اوقاف کاتي پاران ٿيندڙ هي ميلو سنڌ جي وڏن ميلن ۾ شمار ٿيندو آهي ۽ هر سال ڌام ڌوم سان لڳندو آهي جنهن ۾ وندر تفريح سان گڏ محفل موسيقي ۽ ٻيا سنڌ جا ڪيترائي ثقافتي رنگ پڻ شامل هوندا آهن. هي بزرگ سخي ڄام ڏاتار مشهور ته پوري ديس ۾ آهي، پر سندس باري ۾ ڪا مستند تاريخ ۔ شجرو، حسب نسب يا ڪا ٻي ذاتي يا خانداني معلومات لکت ۾ موجود ناهي ۔ سندس اصل وطن ۔ پيدائش ۽ رهائش به اڃان تصديق شده يا واضع نٿيون ملن ۔ مختلف تاريخي ڪتابن ۾ هن بزرگ جي باري ۾ مختلف ۽ مختصر حوالا موجود آهن ۔ جهونا ماڻهو به اڪثر ٻڌل ۽ روايت ٿيل تاريخ ۔ قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا ۔ جڏهن ته ڪي اديب ۽ محقق بنا ڪجه ٻيون ڳالهيون ٻڌائين ٿا. هن بزرگ جي باري ۾ 13 صدي هجري ۾ لکيل سنڌ جي مشهور تاريخي ڪتاب تحفه الڪرام ۾ ليکڪ علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته هي درويش ڏهين صدي هجري جي سمن جي دور جي شخصيت ۽ مشهور انقلابي عالم مخدوم بلاول جو اهم خليفو هو. سمه دور جي آخر ۾ جڏهن مهدوي تحريڪ جي باني ميران محمد جونپوري جي مذهبي تبليغ سبب پرامن سنڌ جي مذهبي ماحول ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي۔ مخدوم بلاول ۽ سندس خليفن جونپوري ۽ ان جي عقيدي جي مخالفت ڪئي ۔ شاه بيگ ارغون جڏهن جونپوري جي مدد سان سنڌ تي قبضو ڪيو ته هو سندس معتقد ۽ مريد ٿيو ۽ قبضي ڪرڻ کانپو۽ شاه بيگ ارغون مرشد ميران محمد جونپوري جي حڪم ۽ فرمائش تي مخدوم بلاول ۽ سندس ساتين ۽ خليفن جو قتلام شروع ڪرايو جنهن ۾ مخدوم بلاول ۽ سندس ڪيترائي ساٿي شهيد ٿي ويا جن ۾ هي بزرگ سيد علي اصغر شاه عرف سخي ڄام ڏاتار به شامل هو ۔

ٻي طرف ڪجه وقت پهريان سنڌ جي اوقاف کاتي ۽ سجاده نشين جي طرفان سخي ڄام ڏاتار جي خاندان جي باري هڪ ڪتاب شايع ڪرايو ويو هو جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته هي بزرگ نقوي سادات گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو ۽ سن ستين هجري ۾ ڄام صاحب شهر جي هڪ ميل اولھ طرف هڪ ننڍڙي ڳوٺ سيد آباد جو رهواسي هو ۽ پنهنجي دور جو مشهور ولي ۔ عالم ۽ درويش هو ۽ سڄي عمر دين ۽ انسانيت جي خدمت ڪئي ۽ سن 710 ھ جي لڳ ڀڳ وفات ڪئي کيس هتي دفن ڪيو ويو ۔ هن وقت اهو ڳوٺ کنڊر بنيل آهي ۽ ان جي ڀرسان مشهور قديم ماڳ ڏهر جو ڀڙو يا ڏهر جو مقام اڄ به موجود آهي ۔۔ ٻي روايت موجب هي درويش اصل اچ شريف جو رهاڪو سيد هو ۔ سندس ماء پيء ڪنهن سال حج تي سنبريا ۽ ننڍي عمر ۽ دادلو هجڻ سبب هن ٻار کي ساڻ کنيائون ۔ تڏهن قافلا پيادل يا عربي سمنڊ رستي مڪه ڏانهن روانا ٿيندا هئا ۔ هن جا والدين به اچ کان ديبل بندر سمنڊ طرف روانا ٿيا ۔ وچ رستي موجوده ڄام صاحب جو ان وقت به هڪ وڏو وسندڙ ڳوٺ هو اتي پهتا ۔ سفر سبب ننڍڙو ٿڪجي بيمار ٿي پيو ۽ مائٽن هن معصوم کي اڳتي کڻي وڃڻ جي همت نه ساريندي ان کي هتان جي وڏي مالوند ماڻهو ڏاڏا ڏهر ڏاهري جي گود ۾ ڏنو جيڪو هڪ مشهور اوطاقي ۽ ڀلوڙ مالوند هو ۽ هو پاڻ حج لا۽ اڳتي روانا ٿيا ۽ وري هتي واپس نه وريا ۽ هي درويش هميشه لا۽ هتي رهجي ويو ۽ وڏو ٿيو ۽ هتي ئي شادي ڪيائين ۽ وصال بعد به هتي ئي دفن ٿيو.

ٻي طرف ڪجه دانشور ۔ تاريخدان ۽ ڪي سنڌ دوست ليکڪ هن بزرگ جي تاريخ ۽ شجرو ڪجھ ٻي طرح پيا ٻڌائن ۽ سندن خيال ۽ راءِ آهي ته هن علائقي يا ڀرپاسي ۾ ماضي۽ جي سنڌ جو هڪ مشهور حاڪم راجا ڏاهر پڻ دفن ٿيل آهي، جيڪو مها يُڌ ۾ پنهنجي ڌرتي ۽ وطن واسين لا۽ وڙهيو هيو ۽ وير گَتي پراپر ڪري وڃڻ کان پوءِ کيس هتي دفن ڪيو ويو هو .

هن بزرگ حضرت سيد علي اصغر شاه المعروف سخي ڄام ڏاتار بابت ماڻهن ۾ ڪيترائي رايا ۽ روايتون موجود آهن، پر ڪابه را۽ مستند يا تصديق ٿيل ناهي ۽ نه ئي وري ڪو قابل ڀروسي ڪو تاريخي ڪتاب لکت يا ڪو حوالو موجود آهي، جنهن مان هن بزرگ جو خاندان، حسب نسب يا شجري مان ڄاڻ پئجي سگھي.

حوالا

[سنواريو]