مواد ڏانھن هلو

ڄارو پاڻيءَ جو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڄارو پاڻي جو:

نالا: ع. ثوب الماءِ، ف. جام غوک، هه. وغيره ___ ڪائي طلحب، جفرابه ۽ پشم ذرع. اثر: سرد تر 2، نقصان: سرد مزاجن کي، ميل: نازبوُ، عيوض: گل ڪلنگو، وزن: هڪ تولو. سڃاڻپ: هي سائي رنگ تي پاڻيءَ جو ميل آهي، جيڪو ڍنڍن ۽ تلاون جي ڪنارن تي ڏسبو آهي، پاڻيءَ مٿان به ڇٽي هڻي بيهندو آهي. خاصيت: حيض واري زال هن جو شافو کڻي ته حيض جو رت بند ٿئي. بدن جي ڪنهن ڀاڱي مان رت ايندڙ هجي ته اهو ڄارو سڪائي اُتي ٻـُـرڪجي. ڪڻڪ جي اٽي سان گڏي رڌي لپري ڪري رکجي ته سخت ڳوڙهن کي نرم ڪري ڦاڙيندو. سڪل ڄارو زيتون جي تيل سان ملائي کائڻ سان صفراوي دستن ۽ ٻرهل کي فائدو ٿيندو.[1]،

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو