مواد ڏانھن هلو

ڀڳڙا ول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڀُڳڙا وَل:(انگريزي: Bhugra wal ) هيءَ ول نرم زمين ۾ وڌيڪ سٺي ٿيندي آهي. اڪثر ٻُوٽن، سِڻ، مُرٽ، کِپ، ٻُوهه وغيره جي ڀرسان اُڀري انهن تي پکڙجي ويندي آهي. بعضي زمين تي به پکڙبي آهي. اُن جا پن ڦاڪن سان، ننڍا پر چهچ سائي رنگ جا ٿيندا آهن. ان ۾ ڀڳڙي جيڏو داڻو ٿيندو آهي، جنهن تان مٿس اهو نالو پيو آهي. اهي ڀڳڙا ٻار شوق سان کائيندا آهن. هيءَ ول خاص طرح اُٺ ۽ ٻڪري جو کاڌو آهي، پر رڍون، گهوڙا، گڏهه ۽ گانيون به کائين[1].


حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو