ڀٽا ڳڙھي
ڀٽا ڳڙهي به ڪنهن زماني ۾ ڏاڍو وڏو ڳوٺ هو، ڀٽا وڏا وڏيرا هوندا هيا، هاڻي ڳوٺ بلڪل ويران ٿي ويوآهي، فقط مسجد شريف آهي، جنهن جي مرمت ڪو الله جو بندو ڪرائيندو آهي، ان سبب بيٺي آهي،ڳوٺ جو اندازو هن وقت ان جي قبرستان مان ڪري سگهجي ٿو، تمام وڏو قبرستان آهي، ڳڙهي رحيم داد جا ڀٽا وڏيرا، ڏاڍا عياش ها، شراب ۽ ڪباب ۾ ٻنيون کپائي ڇڏيائون، ڀٽن جون زمينون تعلقه ڳڙهي خيرو، تعلقه جيڪب آباد، تعلقه ٺل ۽ تعلقه ڪشمور ۾ هيون، انهن مان فقط ٺل تعلقه جون زمينداريون ختم ٿيون، ڪشمور جي ڪچي جو زميندار حاجي بلند خان ڀٽو مشهور ٿي گذريو آهي، هينئر به سندس پويان سکيا ستابا ۽ اثرائتا آهن، حاجي بلند خان جي منهنجي چاچي حاجي محمد خان سان دوستي هئي، سو مون حاجي صاحب جي زيارت ڪئي، حاجي صاحب عجيب طبع ۽ضرورت کان وڌيڪ محتاط، ڪفايت شعار انسان هو، هڪ دفعي ڀاءُ کي فقط پنجاهه روپيا ڏئي ڪراچي ڪنهن ڪم سان روانو ڪيائين، تائيد ڪري ڇڏيائينس ته ”رهجاءِ وڃي مسافر خاني ۾ ڪم لٿي بعد موٽڻ ۾ لحظو به دير نه ڪجانءِ ڀاءُ کي روانو ڪري وري ڪراچي جي ڪنهن واقفڪار ڏانهن ڪارڊ لکي ٽپال ۾ روانو ڪيائين ته ڀائو ڪراچي اچيو ٿو، سو کيس سمجهائيندا ته ”ان المبذرين کانو اخوان الشياطين“ سو خرچ مڙيوئي سمجهه سان ڪري ڪم ٿئي ته جلدي واپس ڪجوس وغيره وغيره، انهيءَ حال کان علاوه سندس هڪ ٻيو قصو به مشهور ٿي ويل هو، چاچي حاجي محمود خان جي اها چشم ديد ڳالهه هئي، حاجي بلند خان ڪنهن شادي ڪي ”ڪانڍ“ ڪئي، اوڙي پاڙي ۽ واقفڪارن ڏانهن دعوتون موڪليائين، سنڌي واري تاريخ تي ڪچي جي سڀني ڀاڳين تي بار رکيائين ته اڄوڪو سڄي مال جو کير مٽن ۾ وجهي کيس پهچايو وڃي تاڪ ”ڪاڄ جو ڪارج ٿئي“ پوءِ ڪانڍتي آيلمهمانن کي پنيءَ مان ٺهيل تونرين تي ويهاري هڪل ڪندو هو ته ڀري اچو ڀائرن لاءِ کير وٽيون ۽ ماني جون ڇٻيون! سو ان نموني سمورن مهمانن کي کير ماني سان ڍؤ ڪرائي اوڳرايون ڏياريائين، ڏندن کوٽڻ جو ته سوال ئي ڪو نه اٿيو، ڇاڪاڻ ته حاجي صاحب ڪنهن ساهه واري کي سير وجهي ٻوٽيون کارائي ها ته ڏندن کوٽڻ جو موقعو پيدا ٿئي ها. حاجي بلند خان پورو پورو حاجي هو، مٿو سدائين ڪوڙيل رکندو هو، ڏاڙهي وڏي ٻروچڪي نموني واري مولوي واري بنهه نه.ڳڙهي ڀٽا جي ذڪر کانپوءِ وري ڦر اچجي ٿو فال راڄ واهه جي نقش نشانن تي فال راڄ واهه شاهي واهه جي 27 ميل تان 1910ع ۾ کوٽايو ويو هو، هي شاخ 25 ميل ڊگهي هئي، سندس 19 ميل تي اسان جو ڳوٺ عزيز آباد هو ۽ هن وقت مستري مائنر نالي شاخڙي جي اٺين آر ڊي تي ڳوٺ آهي، فال راڄ واهه جڏهن اوج سان ڀرپور ٿي وهندو هو، اهو وقت جي مون کي چڱي طرح ياد آهي، منهن کان پڇڙي تائين ٻنهي ڪڙن سان ٻٻرن جا وڻ هوندا هيا، هر هڪ وڻ جي درميان ڏهن فٽن کان وڌيڪ فاصلو ڪو نه رکيل هو، گهاٽا ۽ ڊگها وڻ ايڏو ته ڇانورو رکيون بيٺا هيا، جو اس ڪڏهن به ڪڙ تي ڪانه ايندي هئي، شاخ جي 10 ميل ۽ 18 ميل تي داروغه لانڍيون هونديون هيون، جيڪي پڪيون لوهه گارڊر سان سنواريل هونديون هيون، داروغا بيلدار گهڻو ڪري هميشه حاضر رهندا هيا، رات گذاري اسان جي ٺهيل اوطاق تي ڪندا هيا، جيڪا شاخ جي ڪناري هئي، سب ڊويزنل آفيسر مهيني ۾ هڪ ڀيرو اسان جي اوطاق تي ضرور ايندو هو اٺ جي سواري ڪندا هيا، ايڪس اي اين هر ٽين مهيني دورو ڪندو هو، آب ڪلياڻي ۾ هر ڏهين ڏينهن پروگرام رکندا هيا، 18 ميل پل وٽ لاڙو هو جتان لاڙو ڪري انڙ واهه ڪئنال طرف ويندا هيا جي پڇڙي جي شڪايت ٿيندي هئي ته ضرور پڇڙي کي ڏسڻ ويندا هيا، ٽيل جي فل سپلاءِ گيج 2 فوٽ ضرور رکڻ جي تاڪيد ڪندا هيا، اسان جون زمينون ڊاهي واريون هيون، سو پاڻي جي گهٽ ليول تي اسان جا ڪڙيا ڪو نه وهندا هيا، وقت جوهر انجنيئر اسان سان همدرد هوندو هو، سندن آمد جو پتو اڳواٽ ئي پئجي ويندو هوس،18 ميل جي ”وگائين پل“ ٺهيل هئي ،جنهن جو هڪ دروازو سرن سان بند ڪيل هو ،سو اهو دروازو هڪ وڏي ڪمري جي صورت ٿي پيو هو .[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ نئين ٺل جا پراڻا گل؛از: نظام الدين کوسو؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو