ڀوڏيسر جي مسجد
ڏيک
ڀوڏيسر جي مسجد:
شهر ننگرپارڪر کان پنجن__ ڇهن ميلن تي، اتر طرف ڏي، ”ڀوڏيسر جي مسجد“ آهي، جا 1436 ع جي ٺهرايل آهي، جنهن تي ٻه ڪتبا لڳل آهن __ هڪ آهي عربيءَ ۾ ۽ ٻيو آهي پارسيءَ ۾. اها مسجد گجرات جي بيگڙه خاندان جي بادشاهن تعمير ڪرائي هئي. اڄڪلهه اها مسجد نالي ماتر آثار قديمه جي محڪمي جي حوالي آهي.مسجد جي پويان هڪ تلاءُ آهي، جنهن تي به پٿر جو ڪتبو لڳل آهي. پٿر تي ڪي مورتون به اُڪريل آهن، ۽ ڪي اکر پڻ نظر اچن ٿا. انهن جي عمر به چئن صدين کان زياده آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ننگر پارڪر جا آثار قديم؛ مير محمد بخش ٽالپر ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1966؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو