مواد ڏانھن هلو

ڀنگيري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڀَنگيري: (انگريزي: Bhingeri plant)هي ٻوٽو عجيب قسم جو آهي. هن جي ڏانڊين جي وچ۾ پن ۽ انهن سان گڏ هڪ قسم جو ٻاجهريءَ جي سنگ وانگر ٻه-اڍائي انچ ڦل ٿيندو آهي. اهو ڦل، سيتاڦل جي نموني نظر ايندو آهي. ان ۾ داڻا داڻا ٿيندا آهن. پر هرهڪ داڻو پردن اندر لڪل هوندو آهي ۽ اهي سنگ ۾ چوڌاري ڳتيل هوندا آهن. هرهڪ داڻي جي پردي جي چوٽي سنهي نوڪدار ٿيندي آهي، جا ڪنڊي وانگر هوندي آهي. هي فوٽ کن ڊگهو ٿئي. سائي ڀنگري اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون کائينديون آهن. سڪڻ بعد مال ڪونه کائي[1].


حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو