مواد ڏانھن هلو

ڀنگرن جا ڳوٺ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڀنگرن جا ڳوٺن ڀنگر قوم جي زمينداري ٻن ٽن ديهن ۾ هوندي هئي، سندن وڏا ڳوٺ شير خان ڀنگر نصير خان ڀنگر ۽ ڪريم ڏنو خان ڀنگر جي نالن سان هيا، ڀنگر وڏيرن جا اسان جي خاندان سان دوستانه رستا هيا، دريا خان ڀنگرابي مرحوم جي تمام ويجهي دوستن مان هو، ابو مرحوم هجرت ڪرڻ وقت پنهنجي ٻني دريا خان ڀنگر کي وڪرو ڪري ڏني هئي، جڏهن اهو سفرثاب نه ٿيو ته دريا خان وڏي خوشي سان زمين موٽائي ڏني هئي، هڪ دفعي بيمار ٿيو ته پاڻ کي کل چاڙهيائين ته ڪنهن اچي ٻڌايس ته ”تنهنجو يار عبدالعزيز خان ڏاڍو بيمار آهي“ دريا خان اهو ٻڌي ان مهل بيل گاڏي گهرائي ان ۾ چڙهي سوڙ ويڙهي راتو واهه عزيز آباد اچي پهتو، ابي کي چيائين ته جڏهن تنهنجي بيماري جو ٻڌم ته بي چين ٿي پيس، سو کل لاهڻ تائين به ترسي نه سگهيس، اها هئي سچي دوستي جنهن هن قسم جي ادائيگي ڪرائي، دريا خان مون ڪو نه ڏٺو باقي سندس ڀاءُ حاجي ڪريم ڏني خان کي مون چڱي طرح ڏٺو، نهايت نفيس، نهايت شريف، الطبع انسان هو، حضرت پير سائين شيخ عبدالرحمٰن صاحب رحمت الله عليه فرمائيندا هيا ته هن زماني ۾ جنتي ماڻهو ڏسڻو هجيو ته حاجي ڪريم ڏنو خان ان جو نمونو آهي، حاجي صاحب سفيد ريش ڊگهن وارن سان ۽ سفيد لباس وارو انسان هو، هو اونهاري سياري صدري مٿان ڪوٽ پائي پوءِ ٻاهر سفر تي نڪرندو هو، اونهاري ۾ سرد صدري ڪوٽ ۽ سياري ۾ گرم پائڻ جو اهتمام ڪندو هو، عموماً ٽانگي تي سفر ڪندو هو، هڪ ٻه اردلي ساڻ کڻندو هو اسان وٽ سال ۾ چار پنج ڀيرا ضرور ڏيندو هو، ابي ۽ چاچي جي وفات وقت پريان شاخ کان رڙيون ڪندو روندو آيو هو، انهن جي وفات کانپوءِ جيستائين اٿڻ ويهڻ جهڙو هوتيستائين اسان وٽ ايندو رهيو، هن اشراف، دوستيءَ جي ان دستور کي توڙ تائين نڀايو، دري خان ڀنگر ۽ حاجي ڪريم ڏنو خان ڀنگر جهڙا وضع دار ۽ وفادار انسان هينئر ڳولي به نه ٿا لڀن. کڏون ٿيون خالي هنج نه رهيو هيڪڙو[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. نئين ٺل جا پراڻا گل؛از: نظام الدين کوسو؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو