مواد ڏانھن هلو

ڀنڀور ۽ ديبل ( ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڀنڀور ۽ ديبل سنڌ جي پراڻن دڙن ۽ شهرن جي لاءِ تحقيق ۽ کوجنا جو سلسلو صدين کان جاري آهي ۽ جاري رهندو. هي ڪيڏي نه بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي، جو اسان اڃا تائين پنهنجي پنهنجي وکر، پنهنجي اسباب متعلق پوري معلومات نه ٿا رکون. جيڪا به ڄاڻ ملي ٿي، سا ٻين محققن ۽ پارکن جي هٿان. اسان اهي ئي هٿين خالي، ٻين جي جهولين ۾ نگاهون وجهي ويٺا هوندا آهيون. موهن جو دڙو هجي يا ٽئڪسلا، هڙاپا هجي يا ڪاهوءَ جو دڙو، برهمڻ آباد هجي يا اگهم ڪوٽ، اگهاماڻي وارا پنڊ هجن يا ڪاٺ ٻانڀڻ جا دڙا، اسان انهن متعلق صرف ڏند ڪٿائن ۽ زباني روايتن تي زور ڏنو آهي. ديبل ۽ ڀنڀور—هڪ شهر جا ٻه نالا، پر تاريخ جي ورقن تي وقت جي مٽي جي ايتري ته گهري تهه ڄمي وئي آهي جو سالن جا سال مسلسل ڪوششن جي باوجود اڃا تائين اها لهي نه سگهي آهي. 1983ع ۾ ڀنڀور جي ماڳ تي، سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو منعقد ٿيل هڪ باوقار ۽ تاريخي ڪانفرنس (ڀنڀور نيشنل سيمينار) جي موقعي تي پڙهيل عالمانه مقالن کي سليقي سان ترتيب ڏيئي، محترم عبدالقادر منگي (اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول) شايع ڪيو آهي. دراصل ڪانفرنس ئي محترم عبدالقادر منگي جي جدوجهد، جاکوڙ ۽ نيڪ ڪوششن سان منعقد ٿي هئي. جڏهن پاڻ ميرپور ساڪري ۾ ملازمت ڪندا هئا.

هن ڪتاب ۾ جن عالمن جا جواهر پارا درج آهن، تن جا نيڪ نالا هي آهن: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، علي احمد بروهي، مظهر يوسف، محمد حسين پنهور، مئڊم مهتاب اڪبر راشدي، مئڊم امينه خميساڻي، ڊاڪٽر محمد رفيق مغل، شيخ خورشيد حسن، ڊاڪٽر ايف- اي- خان، حڪيم محمد سعيد، ڊاڪٽر لوئيس فليم، عبدالله ورياهه، ڪريم بخش خالد، عزيزه چنا، مسرت مرزا، هدايت پريم، مئڊم ممتاز راشدي، ولي محمد طاهرزادو، ڊاڪٽر حميده کهڙو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، معمور يوسفاڻي، تاج صحرائي، مريم مجيدي، حافظ ارشد انڍڙ، احسن جوکيو، مير محمد بخش ٽالپر، ڪمتر نقوي. ڪجهه مضمون فضل احمد بچاڻي ترجمو ڪيا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه صاحب پنهنجي مهاڳ ۾ راءِ ڏيندي لکيو آهي ته ”سنڌ جي قديم تهذيبي مرڪزن ۽ شهرن مان ڪيترن ئي هنڌن تي زندگي جا ٿورا ڪي گهڻا اهڃاڻ نظر ايندا آهن؛ رڳو ڀنڀور ئي آهي، جتي شهر خموشان واري ويراني نظر اچي ٿي ۽ ڀنڀور جي ڀاڻن تي صدين کان مٽي ۽ واري وسندي رهي ٿي.“ اها حقيقت آهي ته اها واري ۽ مٽي ڀنڀور ۾ نه، پر سنڌ جي تاريخ تي پيل آهي، جنهنکي لاهڻ لاءِ گذريل ڏهاڪو کن سالن کان وٺي، مجموعي طرح سان جيڪي ڪوششون ورتيون ويون آهن، سي نيڪ فال آهن.

ڀنڀور ۽ ديبل ڪتاب ڇپيل علمي مقالا اسان کي فڪر جي دعوت ڏين ٿا ۽ اهو احساس ڏيارين ٿا ته اسان وٽ پنهنجو عظيم الشان تاريخي ۽ ثقافتي ورثو آهي، ان کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اسان کي وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي. بهرحال هن ڪتاب کي شايع ڪرڻ لاءِ مسٽر عبدالقادر منگي کي جس ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي، ڇو ته هُن صاحب پنهنجي گوناگون منصبي مصروفيتين جي با وجود نه صرف مقالن کي ڪتابي شڪل ڏيئي، ڀنڀور جهڙي نظرانداز ٿيل ماڳ جي دلچسپ ۽ اهم موضوعن کي هميشه لاءِ محفوظ ڪري عالمن لاءِ هڪ بنيادي ماخذ فراهم ڪيو آهي، پر ان سان گڏ ڪتاب کي هر لحاظ کان هڪ ’باوقار‘ ڪتاب بنائي پيش ڪيو آهي. ”جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽاء ساٿ جي.“[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. تبصرا؛احمد خان آصف مصراڻي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو