ڀرٽ
ڀُرٽ:(انگريزي: Bhurt ) ھڪ گاھ جو قسم آھي. هي ڀٽن، دڙن، مڙهن ۽ خاص ڪري ڏهرن جي سنيئن وارياسي زمين ۾ جام ۽ سخت زمين ۾ ٿورو ٿئي. ٻه فوٽ کن ڊگهو ٿئي. اُن جا پن سنها ڊگها ٿين. ان جون تيليون تيليون ٿين. هرهڪ تيليءَ جي ڇيڙي تي ننڍو سنگ ٿئي، جنهن ۾ پردن اندر داڻا بند ٿيل هوندا آهن ۽ مٿان سنها سنها نوڪدار ڪنڊا ٿيندا آهن. ٻج غريب ماڻهو کائيندا آهن[1]. هي بلڪل ڪمائتو گاهه آهي. ڍڳيون، مينهون، گهوڙا ۽ گڏهه جام کائيندا آهن. سائو هوندو آهي، تڏهين ڪي ڪي اُٺ به کائيندا آهن، سڪڻ بعد ماڻهوگڏ ڪري دَنون ٺاهي رکندا آهن، جي پوءِ مال کي کارائيندا آهن. هي گاهه جو هڪ قسم آهي، جيڪو وسڪاري کان پوءِ ٿر جي ڀٽن، ڏهرن ۽ ٻنين ۾ پاڻمرادو ٿيندو آهي. جنهن کي مال (جانور) شوق سان چَرندو آهي. سگهڙ عورتون هن کي ڪٽي ٻج ڪڍي ان کي سيڪي ڪنڊا ساڙي ڳڀ ڪڍي ان کي اٽي ۾ ملائي ماني به پچائينديون آهن. ڪي محنتي عورتون ڀرٽن جي اٽي ۾ کونر ملائي گيهه ۾ پچائي حلوو به ٺاهينديون آهن، جيڪو ڏادو لذيذ هئڻ سان گڏ طاقت ڏيندڙ آهي. ٿر جا ماڻهو هن حلوي کي کوڏ سڏيندا آهن ۽ پنهنجي پيارن دوستن کي تحفي ۾ به ڏيندا آهن. هي حلوو ٿر جي خاص سوکڙي آهي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل نسخو مان 2017-09-12 تي محفوظ ڪيل, 2016-07-30 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)