ڀاڳيشري
ڏيک
باگيسري/ ڀاڳيشري: جامع سنڌي لغات ۾ هي لفظ ”ڀاڳيسري“ لکيل آهي. هيءُ ڪافي -ٺاٺ- جو اوڍو سمپورڻ راڳ آهي. هن جي آروهي ۾ پنچم جو سُر نٿو لڳي. مڌم هن جو وادي سُر آهي ۽ کرج سموادي. پنچم تي زور ڏيڻ سان ڌناسريءَ جو شڪ ٿئي ٿو. انهيءَ لاءِ هن سُر کي -امروهي- به ڪمزور لڳائڻ کپي. هن جي ڳائڻ جو وقت اڌ رات آهي. هيءُ سُر، اميد ۽ نااميديءَ واري ڪيفيت جو اظهار ڪندڙ آهي.[1]