ڀارت ۾ مذهب
ڀارت ۾ مذهب مذهبي عقيدن ۽ طريقن جي تنوع سان نمايان آهي. هندستان جي تاريخ ۾، مذهب ملڪ جي ثقافت جو هڪ اهم حصو رهيو آهي ۽ هندستاني برصغير دنيا جي چئن وڏن مذهبن، يعني هندومت، ٻڌمت، جين مت ۽ سک مت جي جنم ڀومي آهي، جيڪا مجموعي طور تي اصلي هندستاني مذهب يا ڌرمي مذهب جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا ۽ ڀارت جي ڪل آبادي جي 83 سيڪڙي جي نمائندگي ڪن ٿا.
ڀارت ۾ دنيا ۾ هندومت، سک مت، زرتشتي مذهب، جين مت ۽ بهائي مذهب جا سڀ کان وڌيڪ پيروڪار موجود آهن. ان کان سواء، اهو انڊونيشيا ۽ پاڪستان کان پوءِ ٽيون نمبر تي سڀ کان وڌيڪ اسلام جي پيروڪارن جو ملڪ ۽ ٻڌ ڌرم جي نائين وڏي آبادي جو گهر آهي.
ڀارت جي آئين جي شروعات ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت هڪ سيڪيولر رياست آهي ۽ ڀارت جو آئين مذهب جي آزادي جي حق کي بنيادي حق قرار ڏنو آهي.[1]
سال 2011ع جي مردم شماري موجب، ڀارت جي آبادي جو %79.8 هندومت، %14.2 اسلام، %2.3 عيسائيت، %1.7 سک مت، %0.7 ٻڌمت ۽ %0.4 جين مت جي پيروي ڪري ٿو. زرتشتي مذھب، صنامي ۽ يهوديت جي به هندستان ۾ هڪ قديم تاريخ آهي ۽ هر هڪ جا هزارين ڀارتي پيروڪار موجود آهن. ڀارت ۾ دنيا ۾ زرتشتي مذهب يعني پارسي ۽ بهائي عقيدي، بنهي جي پيروي ڪندڙ ماڻهن جي سڀ کان وڏي آبادي موجود آهي؛[2] ٻي صورت ۾ اهي مذهب وڏي حد تائين پنهنجي اصل جي جاء، ايران تائين محدود آهن، جتان اها پيدا ٿيا هئا. ڪيترائي قبائلي مذهب، جهڙوڪ ڊوني-پولو، صنامه ازم، سارن ازم، نيامتر ۽ ٻيا قبائلي مذهب پڻ ڀارت ۾ موجود آهن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Introduction to the Constitution of India.
- ↑ Smith 2008.