مواد ڏانھن هلو

ٿوريئم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٿوريئم
Thorium
ٿوريئم
ٿوريئم
ايڪٽينيئم ← ٿوريئم → پروٽيڪٽينيماڪٽينيئم ← ٿوريئم → پروٽيڪٽينيم
ايٽمي نمبر (Z) 90
ايٽمي وزن (A) 232.04
گروپ f-بلاڪ گروپ
پيريڊ 7
بلاڪ f-بلاڪ
اليڪٽران جي ترتيب 6d2 7s2 + [Rn]
اليڪٽران في شيل 2، 8، 18، 32، 18، 10، 2
طبعي خاصيتون معياري گرمي پد ۽ دٻاء تي حالت: نهرو (sold)
گھاٽائي (20°C تي): 11.725 گرام/ڪيوبڪ سينٽي ميٽر
پگھلڻ جو نقطو: (2020°K) ​(1750°C) (​3182°F)
اٻرڻ جو نقطو: (5061°K)(4788°C)(​8650°F)
پگھرائڻ جي حرارت: 13.81 ڪلو جول في مول
اٻارڻ جي حرارت: 514 ڪلو جول في مول
مولر گرمي جي گنجائش: 26.230 جول في مول.ڪيلون
بخاري دٻاء: P (Pa) 1 10 100 1 k 10 k 100 k تي T (K) 2633 2907 3248 3683 4259 5055
ايٽمي خاصيتون آڪسيڊئشن حالتون: عام: +4 −1,+1,? +2، +3
اليڪٽرو نيگئٽيئٽي پالنگ اسڪيل: 1.3
ايٽمي ريڍيس (سادو): 179.8 پيڪو ميٽر
ايٽمي ريڍيس (ڪوويلنٽ): 206±6 پيڪو ميٽر
آئيونائزئشن توانائيون: پهرين: 587 ڪلو جول في مول
ٻئي: 1110 ڪلو جول في مول
ٽئي: 1930 ڪلو جول في مول
ٻيون خاصيتون قدرتي وقوع: ابتدائي
جالي مستقل: (fcc) (cF4)
ڪرسٽل ڍانچو: ​منهن تي مرڪوز ڪعبي
هڪ اسپيڪٽرل رينج ۾ رنگين لائينون
ٿوريم جون اسپيڪٽرل لائينون
نالو رکيو ويو ٿور، گجگوڙ جو ديوتا
دريافت ڪندڙ جانس جيڪب برزيليئس (1829)
وجود شروع کان (primordial)

ٿوريئم (Thorium) هڪ ڪيميائي عنصر آهي، جنهن جو نشان Th ۽ ائٽم جو انگ 90 آهي. ٿوريم هڪ ڪمزور تابڪاري هلڪي چاندي وانگر ڌاتو آهي، جيڪو هوا ۾ اچڻ سان ڳاڙهو خاڪي رنگ جو ٿي ويندو آهي ۽ ٿوريم ڊاءِ آڪسائيڊ ٺاهي ٿو. هي نرم، ڳچي سگهندڙ ۽ ان جو ڳرڻ جو نقطو (Melting point) تمام گهڻو آهي. ٿوريم هڪ مثبت اليڪٽروپوزيٽو ايڪٽينائڊ آهي، جنهن جي ڪيمسٽري +4 آڪسيڊيشن واري حالت تي غالب آهي. هي تمام گهڻو رد عمل وارو آهي ۽ جڏهن ان کي باریک ڪيو وڃي ٿو ته هوا ۾ باهه پڪڙي سگهي ٿو.

ٿورييم جا سڀ معلوم ٿيل آئسوٽوپ اڻ-مستحڪم آهن. سڀ کان وڌيڪ مستحڪم آئسٽوپ، 232Th جي اڌ عمر 14 بلين سال آهي، جيڪا تقريباً ڪائنات جي عمر جي برابر آهي. هي تمام آهستي آهستي زوال (alpha decay) جي ذريعي ڊڪي ٿيندو آهي، جنهن سان هڪ ڊڪي چين شروع ٿيندي آهي، جن کي ٿوريئم سيريز چيو وڃي ٿو ۽ اها مستحڪم آئسٽوپ، 208Pb تي ختم ٿيندي آهي. ڌرتيءَ تي، ٿوريئم ۽ يورينيئم ئي اهڙا عنصر آهن جن جا ڪابه مستحڪم آئسٽوپ نه آهن، جيڪا اڃا تائين وڏي مقدار ۾ قدرتي طور تي پنهنجي شروعاتي (primordial) حالتن ۾ ملن ٿا. ٿوريئم ڌرتيءَ جي پپڙي ۾ يورينيم کان ٽي ڀيرا وڌيڪ مقدار ۾ موجود آهي ۽ ان کي خاص طور تي مونازائيٽ ريت مان نادر زميني عنصرن کي ڪڍڻ دوران هڪ ضمني پيداوار طور صاف ڪيو ويندو آهي.

ٿوريئم کي سال 1828ع ۾ سويڊش ڪيمسٽ، جوهن جيڪب برزيليئس دريافت ڪيو، جڏهن هو لئنگئسنڊ فجورڊ ۾ بريويڪ ويجهو، "لوويا" تي سويڊش انجينئر، مورٽن ٿري ايسارڪ طرفان مليل هڪ نئين معدنيات جو تجزيو ڪري رهيو هو.[1] هن ان جو نالو نورسن جي "ٿور" ديوتا تي رکيو، جيڪو گجگوڙ ۽ جنگ جو ديوتا هو. ان جا پهريان استعمال 19 صدي جي آخر ۾ ڪيا ويا. 20 صدي جي پهرين ڏهاڪن دوران، ٿوريئم جي تابڪاري کي عام طور تي تسليم ڪيو ويو. 20 صدي جي ٻئي اڌ ۾، ٿوريئم کي ان جي تابڪاري خاصيتن جي باري ۾ خدشن جي ڪري ڪيترن ئي استعمالن ۾، هن کي هٽائي، ٻين ڌاتن سان تبديل ڪيو ويو.

ٿوريئم اڃا به ٽنگسٽن گيس ويلڊنگ (TIG) اليڪٽروڊن ۾ هڪ الائنگ عنصر طور استعمال ٿيندو آهي، پر ان کي آهستي آهستي ميدان ۾ مختلف جوڙجڪ سان تبديل ڪيو پيو وڃي. اهو اعليٰ قسم جي آپٽڪس ۽ سائنسي اوزارن ۾ پڻ, ڪجهه نشرياتي (TV) ويڪيوم ٽيوبن ۾، ۽ گيس جي شعلن ۾ روشني جي ذريعي طور، استعمال ٿيندو هو، پر هاڻي انهن جو استعمال تمام گهٽ ٿي ويو آهي. ان کي ائٽمي ريئڪٽرن ۾ يورينيئم جي بدلي ائٽمي ٻارڻ طور استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي ۽ ڪيترائي ٿوريئم ريئڪٽر ٺاهيا ويا آهن. ٿوريئم ميگنيشيم کي مضبوط ڪرڻ، بجليءَ ۽ ويلڊنگ جي سامان ۾ ٽنگسٽن جي تار کي ڪوٽ ڪرڻ، بجليءَ جي لیمپ ۾ ٽنگسٽن جي داڻن جي ماپ کي ڪنٽرول ڪرڻ، وڌيڪ گرمي پد تي استعمال ٿيندڙ برتن، ڪئميرن ۽ سائنسي اوزارن جي لينس سميت شيشي ۾ پڻ استعمال ٿيندو آهي. ٿوريئم جي ٻين استعمالن ۾ گرميءَ کي برداشت ڪندڙ سيرامڪس، جهازن جا انجڻ ۽ روشني جا بلب شامل آهن. ساموندي سائنس قديم سمنڊ کي سمجهڻ، لاء 231Pa/230 آئسوٽوپ تناسب کي استعمال ڪيو آهي.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. Marshall, James L., and Virginia R. Marshall. "Rediscovery of the Elements: Thorium—Løvøya, Langesundsfjord, Norway." The Hexagon, vol. 93, no. 1, 2001, pp. 4-6.
  2. Negre, César (2010). "Reversed flow of Atlantic deep water during the Last Glacial Maximum". Nature 468 (7320): 84–8. doi:10.1038/nature09508. PMID 21048764. Bibcode2010Natur.468...84N. https://www.pure.ed.ac.uk/ws/files/11751410/ReversedATlantic_Deep.pdf.