مواد ڏانھن هلو

ٿامس پئن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لاءِ other people named ٿامس پين, ڏسو ٿامس پئن (سلجهائپ)۔
ٿامس پين
Thomas Paine

پورٽريٽ 1792ع
پيدائش ٿامس پين
Thomas Pain

فيبروري 9 1737(1737-02-09) (N.S.)
ٿٽفورڊ، نارفوڪ، انگلينڊ
وفات جون 8, 1809 (عمر 72 سال)
گرين وچ، نيو يارڪ شهر، آمريڪا
عهد روشن خيالي جو دور
مڪتبه فڪر * لبرل ازم
  • ريڊيڪل ازم
  • هيومن ازم
  • ريپبلڪن ازم
شعبه عمل
* سياست
سڃاڻپ نشان

ٿامس پين (Thomas Paine؛ 9 فيبروري، 1737ع - 8جون، 1809ع) [1] هڪ آمريڪي مصنف، موجد، ۽ سياسي فلسفي هو.[2] [3] هن پمفليٽ، ”ڪامن سينس“ (1776ع) ۽ ”دي آمريڪن ڪرائسس“ (1776-1783ع) لکيا، جيڪي آمريڪي انقلاب جي شروعات ۾ ٻه سڀ کان وڌيڪ اثرائتو پمفليٽ آهن ۽ هن 1776ع ۾ نوآبادياتي دور جي محب وطن آمريڪن کي حوصلا افزائي ڪئي ته جيئن 1776ع ۾ عظيم برطانيا جي بادشاهت کان آزاديءَ جو اعلان ڪيئن.[4] سندس خيال انساني حقن جي روشنيءَ واري دور جي نظرين جي عڪاسي ڪن ٿا.[5]

پين ٿٽفورڊ، نارفوڪ، انگلينڊ ۾ پيدا ٿيو ۽ 1774ع ۾ بينجمن فرينڪلن جي مدد سان برطانوي آمريڪي ڪالونين ڏانهن لڏي ويو، آمريڪي انقلاب ۾ حصو وٺڻ لاءِ وقت تي پهچي ويو. تقريبن هر آمريڪن محب وطن انهنجي 47 صفحن تي مشتمل پمفليٽ، "ڪامن سينس" کي پڙهيو، جنهن برطانيه کان آزاديء جي سڏ کي وڌايو,[6][7] آمريڪي بحران ۾ اها هڪ آزادي جي حق ۾ پمفليٽ جي سيريز هئي. پين فرانس ۾ 1790ع جي اڪثر عرصي تائين رهندو رهيو ۽ فرانسيسي انقلاب ۾ تمام گهڻو حصو وٺيو. انگلينڊ ۾ رهڻ دوران، هن هڪ پمفليٽ، "رائيٽس آف مين" (1791ع) لکيو، جيڪو فرانسيسي انقلاب جي دفاع ۾ ۽ ان جي نقادن، خاص طور تي اينگلو-آئرش قدامت پسند ليکڪ، ايڊمنڊ برڪي جي جواب ۾ لکيو ويو هيو. هن جي تصنيف جي پيچيدگي جي نتيجي ۾ 1792ع ۾ انگلينڊ ۾ هن کي غير حاضري ۾ هڪ مقدمي ۾ بغاوت جي ڏوهه ۾ سزا ڏني وئي.

وليم پٽ دي ينگر جي برطانوي حڪومت ان امڪان کان پريشان هئي ته فرانسيسي انقلاب برطانيه ۾ پکڙجي سگهي ٿو ۽ انهن اهڙي ڪمن کي دٻائڻ شروع ڪيو جيڪا بنيادي فلسفي جي حمايت ڪندا هئا. پين جي ڪم ماڻهن جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي حق جي واکاڻ ڪئي ۽ ان ڪري سال 1792ع جي شروعات ۾ سندس گرفتاري لاءِ هن جي هڪ لکت کي نشانو بڻايو. پين فرانسيسي ڳالهائڻ جي قابل نه هئڻ جي باوجود سيپٽمبر ۾ فرانس ڀڄي ويو، پر هو جلد ئي فرانس ۾ قومي ڪنوينشن ۾ چونڊجي ويو. گيروندن (Girondins) هن کي هڪ اتحادي سمجهيا؛ نتيجي طور، مونٽگنارڊز، خاص طور تي جنرل سيڪيورٽي ڪميٽيءَ جو طاقتور صدر مارڪ گليوم الڪسس وادير، کيس دشمن سمجھندا هئا.[8] ڊسمبر، 1793ع ۾ وادير پين کي گرفتار ڪري پئرس جي لگزمبرگ جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو. هن جي گرفتاري کان اڳ ئي هن "ايج آف ريزن" جو پهريون حصو مڪمل ڪيو. مارڪ فلپ نوٽ ڪري ٿو ته ”جيل ۾ پين ”دي ايج آف ريزن“ لاءِ وقف ۽ ”رائٽس آف مين“ جو نئون ايڊيشن هڪ نئين پيشڪش سان لکيو ۽ لنڊن جي بنيادي پبلشر، ڊينيل آئزڪ ايٽن کي پهچائڻ لاءِ، تيار ڪيو" جيمس منرو نومبر 1794ع ۾ پين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ پنهنجا سفارتي لاڳاپا استعمال ڪيا.[9]

پين پنهنجي پمفليٽن ۽ پنهنجن اڳوڻي اتحادين تي حملن جي ڪري بدنام ٿي ويو. جنهن کي هن محسوس ڪيو ته هن خيانت ڪيا آهن. "ايج آف ريزن" ۽ ٻين لکڻين ۾، هن ڊي ازم (Deism) جي حمايت ڪئي ۽ استدلال ۽ آزاد سوچ کي فروغ ڏنو ۽ عام طور تي مذهب ۽ خاص طور تي عيسائي نظريي جي خلاف بحث ڪيو.[10][11][12][13] سال 1796ع ۾، هن جارج واشنگٽن ڏانهن هڪ تلخ کليل خط شايع ڪيو. جنهن کي هن هڪ نااهل جنرل ۽ منافق قرار ڏنو. هن ملڪيت جي اصليت تي بحث لاء هڪ پمفليٽ، ”زرعي انصاف“ (1797ع) شايع ڪيو ۽ زميندارن تي ھڪڙي وقت واري ورثي واري ٽيڪس ذريعي ضمانت واري گھٽ ۾ گھٽ آمدني جي ٽيڪس جو تصور متعارف ڪرايو. سال 1802ع ۾ واپس آمريڪا آيو ۽ 8 جون 1809ع تي وفات ڪيائين، هن کي عيسائيت جي مذاق ۽ قوم جي اڳواڻن تي هن جي حملن جي ڪري رد ڪيو ويو ۽ سندس جنازي ۾ فقط ڇهه ماڻهو شريڪ ٿيا. y[14]

ابتدائي زندگي ۽ تعليم

[سنواريو]

آمريڪي انقلاب

[سنواريو]

انسان جا حق

[سنواريو]

ايج آف ريزن

[سنواريو]

بعد جا سال

[سنواريو]

افڪار ۽ خيالات

[سنواريو]

مذهبي نظريا

[سنواريو]

ورثو

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

خارجي لنڪس

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Ayer, Alfred Jules (1990). Thomas Paine. University of Chicago Press. p. 1. ISBN 978-0226033396. https://books.google.com/books?id=9pha6K8kP7IC&q=A+J+Ayer+Paine&pg=PP1. Retrieved October 29, 2020. 
  2. Kreitner, Richard (February 9, 2015). "February 9, 1737: Thomas Paine Is Born". The Almanac. https://www.thenation.com/article/archive/february-9-1737-thomas-paine-born/. Retrieved October 1, 2022. 
  3. Van Doren, Carl (February 8, 1922). "Book critic: Religion and Belief by Thomas Paine, The Roving Critic". The Nation. https://de.scribd.com/document/254644778/February-9-1734. Retrieved October 1, 2022. 
  4. Henretta, James A. (2011). America's History, Volume 1: To 1877. Macmillan. p. 165. ISBN 978-0312387914. https://books.google.com/books?id=5PmY3sBubw8C&pg=PA165. Retrieved July 1, 2015. 
  5. Solinger, J.D. (2010). "Thomas Paine's Continental Mind آرڪائيو ڪيا ويا February 24, 2021, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.." Early American Literature 45 (3), 593-617.
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Hitchens
  7. Kaye, Harvey J. (2005). Thomas Paine and the Promise of America. New York City: Hill & Wang. p. 43. ISBN 978-0809093441. https://archive.org/details/thomaspainepromi0000kaye. ""Within just a few months 150,000 copies of one or another edition were distributed in America alone. The equivalent sales today would be fifteen million, making it, proportionally, the nation's greatest best-seller ever."" 
  8. Lessay, Jean (1987). L' Américain de la convention: Thomas Paine, professeur de révolutions, député du Pas-de-Calais. Paris: Libr. Acad. Perrin. ISBN 978-2-262-00453-8. 
  9. https://www.oxforddnb.com/display/10.1093/ref:odnb/9780198614128.001.0001/odnb-9780198614128-e-21133
  10. Paine, Thomas (2014). "Of the Religion of Deism Compared with the Christian Religion, and the Superiority of the Former over the Latter (1804)". in Calvert, Jane E.; Shapiro, Ian. Selected Writings of Thomas Paine. Rethinking the Western Tradition. New Haven: Yale University Press. pp. 568–574. doi:10.12987/9780300210699-018. ISBN 978-0300167450. https://sourcebooks.fordham.edu/mod/paine-deism.asp. Retrieved 7 August 2021. 
  11. Fischer, Kirsten (2010). Manning, Nicholas; Stefani, Anne. eds. "'Religion Governed by Terror': A Deist Critique of Fearful Christianity in the Early American Republic". Revue Française d'Études Américaines (Paris: Belin) 125 (3): 13–26. doi:10.3917/rfea.125.0013. ISSN 0397-7870. 
  12. Gelpi, Donald L. (2007). "Part 1: Enlightenment Religion – Chapter 3: Militant Deism". Varieties of Transcendental Experience: A Study in Constructive Postmodernism. Eugene, Oregon: Wipf and Stock. pp. 47–48. ISBN 9781725220294. https://books.google.com/books?id=hB1KAwAAQBAJ&pg=PA47. Retrieved January 22, 2023. 
  13. Claeys, Gregory (1989). "Revolution in heaven: The Age of Reason (1794–95)". Thomas Paine: Social and Political Thought (1st ed.). New York and London: Routledge. pp. 177–195. ISBN 978-0044450900. https://books.google.com/books?id=W9X9DwAAQBAJ&pg=PA177. Retrieved December 23, 2021. 
  14. Conway, Moncure D. (1892). The Life of Thomas Paine آرڪائيو ڪيا ويا September 4, 2015, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Vol. 2, pp. 417–418.