مواد ڏانھن هلو

پپون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پِپُون:(انگريزي: Pipoon) برسات پوڻ بعد هفتي کن تي پِپُون جام ٿين. اهي مُرٽن، موراڙين، ڦوڳن، ڄارين، ٻيرڙين ۽ ڪرڙن ۾ ٿينديون آهن. اهي سائي رنگ جون ڦرين وانگر ٿينديون آهن. رواجي طرح فوٽ کن، پر ڄارين ۾ ڏيڍ – ٻه فوٽ ڊگهيون به ٿين. پچڻ بعد چوٽيءَ تي گل ڪڍن، جن ۾ ٻچ ٿيندو آهي. سياري اونهاري مٿان سُڪيو وڃن ۽ پاڙ وارو ڀاڱو زمين ۾ پيو هوندو آهي، جن کي ”سيٽ“ چئبو آهي. برسات پوڻ تي اهي سيٽ ساوا ٿيو پون. هن کي پاڙ کان پٽي ٻئي هنڌ آلي زمين ۾ لڳائبو ته اتي به اُڀري اينديون. ٿر جو ننڍو وڏو پِپُون شوق سان کائيندو آهي. صبح جو ٻارهين وڳي تائين کائڻ ۾ کَٽِيون هونديون آهن، جنهنڪري ڪي ماڻهو سنهو ڪُٽيل لوڻ لائي کائيندا آهن. هنن جي ڀاڄي کٽمٺڙي ۽ لذيذ ٿيندي آهي، يعني اهي ڏاڙهون ۽ انبچور جو ڪم ڏينديون آهن. ٿري ٻار جهٽ ۾ جهنگل مان جهول ڀري ايندا آهن، جي پاڻ به کائين ۽ شهرن ۾ وڪرو به ڪندا آهن. وساري جو ٿر ۾ بلائون ٿينديون آهن، تنهنڪري پپن چونڊڻ وقت انهن کان خيال ڪرڻو پوندو آهي، ڇو ته اڪثر وڻن ۽ مُرٽن ۾ بلائون هونديون آهن، تنهنڪري مُرٽن ۽ ٻين وڻن کي چڱيءَ طرح جاچي، لٺ يا ڪاٺيءَ سان ٺڙڪائي، پوءِ پپون چونڊبيون آهن[1].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو