پٽ ڪنوار
پَٽِ ڪُنوار:(انگريزي: Patt Kunwar plant) هن ٻوٽي کي سنڌيءَ ۾ ايريال ۽ ’ڪنوار ٻوٽي‘ چون. هي ڏيپلي تعلقي ۾ سامروٽيءَ ۾بلڪل گهڻي ۽ عام ٿيندي آهي. ڀٽون، مٿاريون ۽ مَڙها سڀ پٽ ڪنوار سان ڀريا پيا هوندا آهن ۽ ميلن جا ميل يڪي فصل وانگر نظر ايندي آهي، ڄڻ ته ڪنهن پوک ڪئي آهي. جڏهن هن جون شاخون ڦٽي ڳاڙها گل ڪڍنديون آهن، تڏهن اهو نظارو ڏسڻ سان اکين کي فرحت ۽ دل کي آرام پيو ايندو آهي[1]. هيءُ بلڪل ڪمائتو ٻوٽو آهي تنهنڪري باقي ٿر ۾ ماڻهو هاسيڪار پنهنجن گهرن ۾ پوکيندا آهن. اُن جو پن ڏانڊيءَ سميت پٽي زمين ۾ پوري پاڻي ڏبو ته اُڀري پوندو ۽ پوءِ ازخود وڌندو ويندو. اُن جا پن ٿلها، ڊگها ڦرها ٿين جن جي اندر ڳردار رس ٿيندي آهي. سوڄ يا ڦٽ ٿئي يا ڪٿي سور ٿئي ته اُن جو پن چيري هيڊ جو سفوف ٻُرڪي، مٿان ٻڌجي ته فائدو ٿي پوندو. اُن جا پن ۽ رسَ ڪيترين ئي بيمارين ۾ فائديمند ۽ دوائن ٺاهڻ جي ڪم ايندا آهن. پنن جو مُربو به ٺاهبو آهي جو لائڻ ۾ لذيذ ٿيندو آهي.[1].پُٽ ڪنوار کي ٿر ۾ ايريال ۽ ڪنوار ٻوٽي پڻ چئبو آهي، ٿر ۾ بلڪل جام ٿيندي آهي. ڪن ڪن ڀٽن جون ماٿاريون يا بعضي ڪي مڙها پٽ ڪنوار سان ڀريا پيا هوندا آهن ۽ ميلن تائين نظر ايندي آهي. [2]