مواد ڏانھن هلو

پٽڪو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پٽڪو (Patko) سنڌي لباس جو هڪ اهم حصو آهي، جيڪو مٿي تي ٻڌڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هي اٽڪل ڇهن والن يا ان کان گهٽ وڌ ماپ جي ڪپڙي جو ٽڪر هوندو آهي، جيڪو اڪثر ڪري ململ جو ٿيندو آهي. پٽڪو بوسڪي، اجرڪ يا لونگيءَ جو به ٻڌبو آهي. سنڌي سماج ۾ پٽڪي کي رڳو لباس نہ، پر عزت ۽ احترام جي نشاني طور ڏٺو ويندو آهي.[1]

قبيلي وار سڃاڻپ

[سنواريو]

هر ذات ۽ قبيلي جي پٽڪي ٻڌڻ جو طريقو يا "ڀير" جدا جدا هوندو آهي. پٽڪي جي ڀيرَ مان اها سڃاڻپ ٿيندي آهي تہ همراھ ڪهڙي قبيلي سان واسطو رکي ٿو.

  • جتوئي: هن قبيلي جا ڪجهہ پاڙا پٽڪي جو پلاند ورائي ڪلهي تي رکندا آهن، جڏهن تہ ٻيا مٿي پٽڪي ۾ ئي هڻي ڇڏيندا آهن.
  • مڱڻھار: هي اڪثر ڪري رنگين پٽڪو ٻڌندا آهن.
  • جوڌپوري پٽڪو: هي وڏو ۽ رنگ وارو پٽڪو هوندو آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ پندرهن ويھن هٿن جي ماپ جو هوندو آهي. ان جو ڀير مڱڻهارن جي پٽڪي سان مشابھت رکي ٿو.
  • سوڍا راجپوت ۽ ٿر جا رهواسي: هي ماڻهو ڇيٽ وغيره (پوتئي) جي پڳ ٻڌندا آهن.
  • لاڙ جا ماڻهو: لاڙ جا رهواسي اڪثر اڍائي ٽن والن جو هلڪو پٽڪو ٻڌندا آهن.

پڳ ۽ پڳدار

[سنواريو]

عام طور تي ڳوٺن ۾ ماڻهو پٽڪو ٻڌندا آهن، پر جڏهن اهو راڄ جي اڳواڻ کي ٻڌايو ويندو آهي تہ ان کي ”پڳ“ چيو ويندو آهي. هر قبيلي جو پنهنجو اڳواڻ يا "پڳدار" ٿيندو آهي. سنڌ ۾ راشدي خاندان جو اڳواڻ پير پاڳارو جي نالي سان مشھور آهي. سنڌي معاشري ۾ پڳدار جي فيصلي کي وڏي اهميت ۽ مانُ ڏنو ويندو آهي.

اصطلاح ۽ محاورا

[سنواريو]

سنڌي ٻوليءَ ۾ پٽڪي بابت ڪيترائي اصطلاح موجود آهن، جيڪي عزت ۽ ذلت سان منسوب آهن:

  • پٽڪو لاهڻ: بيعزتي ڪرڻ.
  • پٽڪو ٻڌائڻ: عزت ڏيڻ.
  • پٽڪو لاهي هٿ ۾ ڪرڻ: پنھنجي عزت وڃائڻ يا ٻئي جي عزت تي حملو ڪرڻ.
  • پٽڪي لھرائڻ: پڳ لاهي بي مانائتو ڪرڻ يا عزت خراب ڪرڻ.

حوالا

[سنواريو]
  1. "پٽڪو : (Sindhianaسنڌيانا)". encyclopediasindhiana.org. 2026-02-25 تي حاصل ڪيل.