مواد ڏانھن هلو

پيڊاگوجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هڪ منظر جنهن ۾ هڪ عورت اسڪوائر ۽ ڊوائڊرز سان گڏ آهي؛ هڪ دائري جي مدد سان ڊائگرام تي فاصلا ماپي رهي آهي. هن جي کاٻي هٿ ۾ هڪ اسڪوائر آهي، جيڪو سنئون زاويا ٺاهڻ يا چيڪ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. شاگردن جو هڪ گروپ کيس ڏسي رهيو آهي.
هڪ عورت جاميٽري سيکاريندي. 14هين صدي جي هڪ هٿ سان لکل نسخي جو حصو، اقليدس جي "ايليمينٽا" (Elementa) جي شروعات ۾.

تربيت جو علم (Pedagogy؛ پيڊاگوجي)، جن کي عام طور تي پڙهائڻ يا تعليم ڏيڻ جي انداز طور سمجهيو ويندو آهي، اصل ۾ سکڻ جو نظريو ۽ عمل آهي. هي اهو مطالعو آهي ته سکيا جو عمل ڪيئن سکندڙن جي سماجي، سياسي ۽ نفسياتي واڌ ويجهه تي اثرانداز ٿئي ٿو ۽ ڪئين انهن کان متاثر ٿئي ٿو. پيڊاگوجي، هڪ علمي شعبي جي طور تي، ان ڳالهه جو مطالعو آهي ته تعليمي حوالي سان علم ۽ مهارتون ڪيئن منتقل ڪيون وڃن ٿيون ۽ سکيا دوران ٿيندڙ ميل جول (interactions) تي غور ڪري ٿو. پيڊاگوجي جا نظريا ۽ طريقا مختلف سماجي، سياسي ۽ ثقافتي پسمنظرن جي بنياد تي تمام گهڻو مختلف ٿي سگهن ٿا.[1]

پيڊاگوجي کي اڪثر پڙهائڻ جي عمل طور بيان ڪيو ويندو آهي.[2] استادن پاران اختيار ڪيل پيڊاگوجي سندن عملن، فيصلن، ۽ تدريسي حڪمت عملين کي شڪل ڏئي ٿي، جنهن ۾ سکيا جي نظرين، شاگردن جي ضرورتن جي سمجهه، ۽ انفرادي شاگردن جي پسمنظر ۽ دلچسپين کي مدنظر رکيو ويندو آهي.[3][4] ان جا مقصد آزاد تعليم (انساني صلاحيتن جي عام واڌ ويجهه) کان وٺي پيشي وارانه تعليم (خاص مهارتن جي سکيا) تائين ٿي سگهن ٿا.

تدريسي حڪمت عمليون شاگرد جي بنيادي علم، تجربي، صورتحال ۽ ماحول سان گڏوگڏ استاد ۽ شاگرد پاران مقرر ڪيل سکيا جي مقصدن جي تابع هونديون آهن. ان جو هڪ مثال سقراطي طريقو آهي.[5]

اشتقاق

[سنواريو]

"پيڊاگوجي" قديم يوناني لفظ، "پيڊاگوجيا" (παιδαγωγία)، جيڪو "پيڊاگوگوس" (παιδαγωγός) مان ورتل آهي، جيڪو پاڻ ٻن لفظن؛ "پائيس" (παῖς، معنيٰ، ڇوڪرو يا ٻار)" ۽ "ايگو" (ἄγω، معنيٰ، آئون اڳواڻي ڪريان ٿو) جو ميلاپ آهي، مان نڪتل آهي. تنهنڪري، ان جي لغوي معنيٰ "ٻار جي رهنمائي ڪرڻ يا اڳواڻي ڪرڻ" آهي.[6]

تعريف

[سنواريو]

"پيڊاگوجي" جي اصطلاح جي معنيٰ اڪثر تڪراري رهي آهي ۽ ان جون ڪيتريون ئي وصفون پيش ڪيون ويون آهن. سڀ کان عام انداز اهو آهي ته ان کي تدريسي طريقن جي مطالعي يا سائنس طور بيان ڪيو وڃي. هن معنيٰ ۾، هي تعليم جي طريقي ڪار (methodology) آهي. هڪ طريقي ڪار جي طور تي، هي انهن طريقن ۽ عملن جي جاچ ڪري ٿي جيڪي تعليم جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا.[7][8] بنيادي مقصد اڪثر علم جي منتقلي کي سمجهيو ويندو آهي. ٻين مقصدن ۾ مهارتن ۽ ڪردار جي تعمير شامل آهي.[7]

بهرحال، هرڪو پيڊاگوجي جي هن وصف سان اتفاق نٿو ڪري؛ ڪجهه ان کي سائنس جي بجاءِ هڪ فن يا مهارت طور ڏسن ٿا.[9] هي انداز پيڊاگوجي جي عملي پهلوءَ تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو، جنهن ۾ اهڙو "ڳجهو علم" شامل ٿي سگهي ٿو جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو آهي. هي خيال ان تي ٻڌل آهي ته پڙهائڻ جا سڀ کان اهم پهلو رڳو تجربي مان حاصل ٿين ٿا ۽ انهن کي سائنسي قاعدن ۾ نٿو ٻڌي سگهجي.[9] ان حوالي سان، پيڊاگوجي جو واسطو "هڪ استاد جي طور تي پنهنجي مهارت جو مشاهدو ڪرڻ ۽ ان کي نکارڻ" سان آهي.[9] هڪ وڌيڪ جامع وصف انهن ٻنهي خيالن کي ملائي ٿي ۽ پيڊاگوجي کي پڙهائڻ جي عمل ۽ تدريسي طريقن جي مطالعي ٻنهي طور ڏسي ٿي.

تاريخ

[سنواريو]

تعليم جا فلسفا

[سنواريو]

مغربي

[سنواريو]

مغربي دنيا ۾، پيڊاگوجي جو واسطو يوناني فلسفي جي روايتن، خاص طور تي سقراطي پڇا ڳاڇا واري طريقي سان آهي.[10] ان جي ترقي قديم يونان ۾ شروع ٿي ۽ اڳتي هلي نشاة الثانیہ، اصلاحي تحريڪ ۽ روشن خياليءَ جي دور ۾ وڌيڪ سڌري.[11]

سقراط

[سنواريو]

سقراط (470 – 399 ق.م) پنهنجي شاگردن سان گفتگو دوران "سقراطي طريقو" استعمال ڪندو هو. هي طريقو سڌو سنئون علم نٿو ڏئي، پر شاگرد جي منطق کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته جيئن هو پاڻ سوچڻ جي صلاحيت پيدا ڪري سگهي.[12]

افلاطون

[سنواريو]

افلاطون (428/427 – 348/347 ق.م) پنهنجي ڪتاب دي ريپبلڪ (375 ق.م) ۾ تعليمي نظام جو ذڪر ڪيو آهي. هن تعليم کي روح جي تسڪين جو ذريعو سمجهيو ۽ جسماني تعليم کي به سماجي استحڪام لاءِ ضروري قرار ڏنو.

ارسطو

[سنواريو]

ارسطو (384–322 ق.م) تعليم تي هڪ رسالو لکيو هو، جيڪو ضايع ٿي ويو. هن افلاطون جي ڪجهه خيالن کان اختلاف ڪيو ۽ رياست طرفان سڀني شهرين لاءِ گڏيل تعليم جي حمايت ڪئي. ارسطو جو خيال هو ته جسماني تعليم ذهني تعليم کان اڳ هجڻ گهرجي.

يوحنا آموس ڪومينيئس

[سنواريو]

يوحنا آموس ڪومينيس (1592 – 1670) کي جديد تعليم جو پيءُ سمجهيو ويندو آهي.

يوهان هينرڪ پيسٽالوزي

[سنواريو]

يوهان هينرڪ پيسٽالوزي (1746 – 1827) سوئٽزرلينڊ ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا قائم ڪيا. هن جو نعرو هو "مٿي، هٿ ۽ دل سان سکڻ".[13]

يوهان فريڊرڪ هربارٽ

[سنواريو]

يوهان فريڊرڪ هربارٽ (1776 – 1841) تعليمي عمل جا پنج اهم مرحلا تجويز ڪيا:

  • تياري
  • پيشڪش
  • وابستگي
  • عام ڪرڻ ۽
  • عمل درآمد.[14]

جان ڊيوي

[سنواريو]

جان ڊيوي (1859 – 1952ع) جي پيڊاگوجي هن جي ڪيترن ئي ڪمن ۾ پيش ڪئي وئي آهي، بشمول "مائي پيڊاگوجگ ڪريڊ" هن جي نظر ۾ تعليم جو مقصد رڳو مخصوص مهارتون حاصل ڪرڻ نه، پر انسان جي پوري صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ ۽ انهن کي گڏيل ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ هجڻ گهرجي.

حوالا

[سنواريو]
  1. Li, G., 2012. Culturally contested Pedagogy: Battles of literacy and schooling between mainstream teachers and Asian immigrant parents. Suny Press.
  2. "Definition of PEDAGOGY". Merriam-Webster (انگريزي ۾). 9 January 2019 تي حاصل ڪيل.
  3. "Blueprint for government schools. Flagship strategy 1: Student Learning. The Principles of Learning and Teaching P-12 Background Paper" (PDF). Department of Education and Training Victoria. اصل نسخو (PDF) مان 15 February 2017 تي محفوظ ڪيل. 12 June 2017 تي حاصل ڪيل.
  4. Shulman, Lee (1987). "Knowledge and Teaching: Foundations of the New Reform". Harvard Educational Review 15 (2): 4–14. https://people.ucsc.edu/~ktellez/shulman.pdf. Retrieved 12 June 2017. آرڪائيو ڪيا ويا 12 June 2024 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  5. Petrie et al. (2009). Pedagogy – a holistic, personal approach to work with children and young people, across services. p. 4. آرڪائيو ڪيا ويا 15 March 2022 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  6. "pedagogy" آرڪائيو ڪيا ويا 1 May 2019 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Online Etymology Dictionary.
  7. 1 2 Peel, Edwin A. "pedagogy". www.britannica.com (انگريزي ۾). 15 August 2022 تي حاصل ڪيل.
  8. Howell, Kerry E. (13 November 2012). "Preface". An Introduction to the Philosophy of Methodology (انگريزي ۾). SAGE. ISBN 978-1-4462-9062-0.
  9. 1 2 3 Anderson, Philip M. (2005). "3. The Meaning of Pedagogy". ۾ Kincheloe, Joe L. (مرتب). Classroom Teaching: An Introduction (انگريزي ۾). Peter Lang. ISBN 978-0-8204-7858-6.
  10. Crappell, Courtney (2019). Teaching Piano Pedagogy: A Guidebook for Training Effective Teachers (انگريزي ۾). New York: Oxford University Press. ص. 160. ISBN 978-0-19-067052-8.
  11. Coussée, Filip; Verschelden, Griet; Williamson, Howard (2009). The History of Youth Work in Europe: Relevance for Youth Policy Today. Strasbourg Cedex: Council of Europe. ص. 96. ISBN 978-92-871-7244-0.
  12. Chesters, Sarah Davey (2012). The Socratic Classroom. Cham, Switzerland: Springer Science & Business Media. ص. 35. ISBN 978-94-6091-855-1.
  13. Barnard, Henry; Pestalozzi, Johann (1859). Pestalozzi and Pestalozzianism: Life, Educational Principles, and Methods of Johann Heinrich Pestalozzi. FC Brownell..
  14. "Johann Friedrich Herbart | biography – German educator". Encyclopædia Britannica. 2 November 2015 تي حاصل ڪيل.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]
  • Bruner, J. S. (1960). The Process of Education, Cambridge, Massachusetts: Harvard University Press.
  • Bruner, J. S. (1971). The Relevance of Education. New York, NY: Norton
  • Bruner, J. S. (1966). Toward a Theory of Instruction. Cambridge, Massachusetts: Belkapp Press.
  • Freire, P. (1970). Pedagogy of the Oppressed. New York: Continuum
  • Karl Rosenkranz (1848). Pedagogics as a System. Translated 1872 by Anna C. Brackett, R.P. Studley Company
  • Karl Rosenkranz (1899). The philosophy of education. D. Appleton and Co.
  • Montessori, M. (1910). Antropologia Pedagogica.
  • Montessori, M. (1921). Manuale di Pedagogia Scientifica.
  • Montessori, M. (1934). Psico Aritmética.
  • Montessori, M. (1934). Psico Geométria.
  • Piaget, J. (1926). The Language and Thought of the Child. London: Routledge & Kegan.
  • Vygotsky, L. (1962). Thought and Language. Cambridge, Massachusetts: MIT Press.
  • Post Scriptum: From Signature Pedagogies and Transpedagogy to Author Pedagogies. In Ojeda, D. (2019) | Shall Be Several, Studies in Art Education, 60:3, 186-202, DOI: 10.1080/00393541.2019.1640513