پيٽڪسائي
| پيٽڪسائي Patuxay | |
|---|---|
| ປະຕູໄຊ | |
Front view | |
۾ مڪانيت Laos | |
| اڳوڻا نالا | انوساوالي ອານຸສາວະລີ (لائو) |
| بڻڀياس | "فتح جو در" |
| عام معلومات | |
| قسم | جنگي يادگار |
| طرزِ اڏاوت | لائوشيئن |
| مڪانيت | ويانچان، لائوس |
| پتو | لئڱ زاڱ ايونيو |
| مڪانيت | 17°58′14″N 102°37′07″E / 17.97056°N 102.61861°E |
| اڏاوت شروع ٿيڻ جي تاريخ | 1957ع |
| مڪمل ٿيل | 1968ع |
| افتتاح | 2010ع |
| خرچ | 6 ڪروڙ 30 لڪ ڪپس (لائو ڪرنسي) |
| گراهڪ | لائوس |
| مالڪ | لائوس گورنمينٽ |
| تڪنيڪي تفصيل | |
| بناوٽي سرشتو | ڪنڪريٽ |
| ماڙين جو انگ | 7 |
| ڊزائن ۽ تعمير | |
| آرڪيٽيڪٽ | ٿام ساياسٿسينا |
پٽوسائي (فرانسيسي: Patuxai؛ لاو: ປະຕູໄຊ؛ فتح جو در، اڳوڻو نالو: انوساوالي، فرانسيسي: Monument Aux Morts)، لائوس جي راڄڌاني ويانچان جي مرڪز ۾ هڪ جنگي يادگار آهي، جيڪا سال 1957ع ۽ 1968ع جي وچ ۾ تعمير ڪئي وئي.[1]
پيٽوڪسائي انهن سورمائن لاءِ وقف ڪئي وئي هئي، جيڪا فرانس کان آزادي جي جدوجهد ۾ وڙهيا هئا. لائو ٻولي جو نالي کي ان کي مختلف طريقن؛ پٽوڪسائي ۽ پٽوسائي طور ترجمو ڪيو ويو آهي. ان کي پٽوڪسائي محراب يا ويانچان جي فتح جي محراب (Arc de Triomphe of Vientiane) پڻ سڏيو ويندو آهي جيئن ته اها پيرس جي آرڪ ڊي ٽرائومف سان مشابهت رکي ٿي. پر اها ڊيزائن ۾ مڪمل طور تي لاؤشين آهي، جيڪا ڏندڪٿائي مخلوقن، جهڙوڪ "ڪناري" (اڌ ماده ۽ اڌ پکي)، جي نقاشي سان سينگاريل آهي.[2] [3] [4] [5] پٽوسائي ويانچان جي مرڪز ۾ لين زانگ ايونيو جي آخر ۾ واقع آهي. يادگار جي چوڌاري "پيٽوڪسائي پارڪ" آهي.[6][7][3]
تاريخ
[سنواريو]پٽوسائي ٻن سنسڪرت لفظن؛ "پتو" معني "دروازو يا در" ۽ "زائي"، جيڪا "جايا" جي بگڙيل شڪل آهي، معني "فتح"، جو مرڪب آهي. تنهن ڪري ان جو مطلب آهي "فتح جو دروازو". پٽوسائي لاؤ جي تاريخ جي هڪ انتشار واري دور ۾ ٺاهيو ويو هو. اهو ان وقت ٺاهيو ويو جڏهن لاؤس ۾ فرانس جي سرپرستي ۾ هڪ بادشاهت هئي ۽ اصل ۾ صرف "انوساولي" (يادگار) جي نالي سان مشهور هئي، جيڪا لاؤ سپاهين جي ياد ۾ وقف ڪيو ويو، جيڪا ٻي مهاڀاري جنگ دوران ۽ 1949ع ۾ فرانس کان آزادي جي جنگ ۾ مارجي ويا هئا.
يادگار آمريڪي فنڊ ۽ سيمينٽ، اصل ۾ هڪ نئون هوائي اڏو ٺاهڻ جي مقصد لاء فراهم ڪئي وئي هئي، جي بدران شاهي لاؤ حڪومت يادگار تعمير ڪرائي ڇڏيو. جن جي ڪارڻ، هن کي طنزيه طور تي "عمودي رن وي" جو لقب ڏنو ويو.
يادگار سال 1957ع ۾، لاؤ جي سپاهي، اڳوڻي صحافي ۽ مجسمه ساز، ٿام سياسٿسينا پاران ڊزائين ڪيو ويو هو. سندس منصوبو پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ، ملٽري انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۽ ڪيترن ئي نجي معمارن پاران جمع ڪرايل منصوبن مان چونڊيو ويو هيو. ٿام کي پنهنجي ڪم لاءِ 30,000 لاؤ ڪپ مليا، جڏهن ته تعمير جي لاگت جو اندازو 63 ملين لاؤ ڪپس لڳايو ويو هو.
مئي 1975ع ۾ ڪميونسٽ پاٿيٽ لاؤ انقلابي، آمريڪا جي اتحادي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ قديم بادشاهت جو خاتمو ڪري ڇڏيو. انهن يادگار جو نالو بدلائي، آمريڪا ۽ فرانس جي حمايت يافته ڪٺ پتلي حڪومت تي فتح جي يادگار جي طور تي "پٽوسائي" رکيو.
گيلري
[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]17°58′14″N 102°37′07″E / 17.97056°N 102.61861°E
| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Patuxai. |
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Patuxay Monument Revisited". Vientiane Times. 2009-11-02. 2010-03-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Atiyah, Jeremy; Rough Guides (2002). Rough guide to Southeast Asia. Rough Guides. ص. 565. ISBN 1-85828-893-2. 2010-03-30 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 fay, Kim (2005). To Asia with love: a connoisseurs' guide to Cambodia, Laos, Thailand & Vietnam. Things Asian Press. ص. 65–67. ISBN 0-9715940-3-1. 2010-03-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Patuxay Monument is expected to draw big crowds". Laos Voices. 2009-08-08. اصل نسخو مان 2010-02-25 تي محفوظ ڪيل. 2010-03-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ White, Daniel (2010). Frommer's Cambodia & Laos. Frommer's. ص. 230–232. ISBN 978-0-470-49778-4. 2010-03-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Patuxay Monument Revisited". Vientiane Times. 2009-11-02. 2010-03-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Patuxay Arch in Vientiane Laos". Lonely Planet. اصل نسخو مان 2009-11-24 تي محفوظ ڪيل. 2010-03-30 تي حاصل ڪيل.
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Coordinates on Wikidata
- Commons link is locally defined
- Commons category wi local airtin different than on Wikidata
- لائوس
- قومي يادگارون
- قومي پارڪ
- جنگي يادگارون
- سياحتي ڪشش
- ايشيا جي تاريخ
- ايشيا ۾ پارڪ
- لائوس ۾ پارڪ
- ايشيا ۾ قومي پارڪ
- لائوس ۾ قومي پارڪ
- لائوس ۾ قومي يادگارون
- 20ھين صدي جي فوجي تاريخ
- لاؤس ۾ موتون
- يادگاري محرابون
- ختم ٿيڻ وارا نظارا
- ويانچان ۾ عمارتون ۽ ساختون
- 1968ع ۾ مڪمل ٿيل عمارتون ۽ بناوتون
- ويانچان ۾ 20هين صدي
- ويانچان ۾ سياحتي ڪشش
- ٽٽل فائيل ڳنڍڻن وارا صفحا