مواد ڏانھن هلو

پيئر ايڦ باري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پيئر-اِيڦ باري جو پورٽريٽ، 1804ع، از جاڪ-اوگسٽين-ڪاترين پاجو

پيئر-اِيڦ باري (fr؛ 17 اپريل 1749ع – 2 مئي 1832ع) هڪ فرانسيسي واڊيويل ڊراما نگار، ناٽڪ ساز ۽ گيت نويس هو.

حياتي

[سنواريو]

پيئر-اِيڦ باري پيرس ۾ ڄائو. هن پنهنجي پيشورانه زندگي فرانسيسي پارليامينٽ ۾ وڪيل طور شروع ڪئي، پوءِ پو، پيرينيه-اٽلانتيڪ ۾ عدالتي ڪلارڪ طور ڪم ڪيو. بهرحال، مشهور شانسونيي پيئر لاجون جو ڀائٽيو هئڻ سبب هو آهستي آهستي ٿيٽر جي دنيا ڏانهن راغب ٿيندو ويو.

1792ع ۾ هن پيئر-انتوان-اوگسٽين ڊي پيس، جان-بپتست رادي ۽ ديفونتين-لاوالي سان گڏجي ٿيئتر دو واڊيويل (Théâtre du Vaudeville) جو بنياد وڌو. هي ٿيٽر رو دي شارتر-سينٽ-آنوري تي قائم ڪيو ويو هو. باري 1815ع تائين هن ٿيٽر جو سربراهه رهيو، جنهن کان پوءِ سندس جاءِ مارڪ-انتوان ديزوگيي والاري.[1]

شروعاتي دور ۾ ناپولين بوناپارٽ سندس ٿيٽر مان ناراض هوندو هو، ڇاڪاڻ⁠تہ ان ۾ هر شام جمهوري نظام مخالف اشارا ۽ طنز شامل هوندا هئا. پر 1805ع ۾ ناپولين کيس حڪم ڏنو ته هو بولون-سور-مير وڃي ۽ انگلينڊ تي ناپولين جي رٿيل حملي لاءِ گڏ ڪيل فوجي آفيسرن کي تفريح فراهم ڪري.

پيئر-اِيڦ باري 1832ع ۾ پيرس ۾ وفات ڪئي.

تصنيفون

[سنواريو]
  • ڪاساندر (Cassandre) – 1780ع
  • آرليڪن افيشير (Arlequin aficheur)
  • مسٽر گيوم يا اڻڄاتل مسافر (Mr. Guillaume ou le voyageur inconnu) – 1800ع
  • لانتارا يا سراءِ جو مصور (Lantara ou le peintre au cabaret) – 1809ع

حوالا

[سنواريو]
  1. L. de Lanzac de Laborie, Paris sous Napoléon-Spectacles et Musées, Paris, 1913, pp. 152–156