پونجا جيڻا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(پونجا جيڻا(پيءٌ) کان چوريل)

جناح ڀائي پونجا

پونج لال ٺاڪُر (جينو ڀائي) سندس پي جو نالو پريم جي ڀائي هو. پريم جي ڀائي جي پي جو نالو گوڪُل داس مهتاجي جيڪو واپاري هندو هو. هو ڪاٺياواڙ رياست (گجرات انڊيا) جي ضلعي راج ڪوٽ جي تعلقي اُپليٽا (Upleta) جي ڳوٺ پينالي موتي (PANELI MOTI) جو رهواسي هئا. جيڪا انگريزن جي دور ۾ سو راشتر Saurashtra ( ڪاٺياواڙ (Kathiawar) ۽ جونا گڙھ (Junagadh) کي ملائي انگريزن ٺاهي) ۾ آهي. ان کان پهريان هي ڳوٺ ڪاٺياواڙ رياست جي گوندل (Gondal) پرڳڻي هو. هن جي ذات ڀاٽيا هئي جيڪي لوهاڻن (Lohana) جو حصو آهن. جيڪي مک طور ڪاروبار سان لڳاپو رکن ٿا.

لوهاڻا (Lohana) جيڪي وڏا ڪاروباري آهن. مختلف ٻوليون ۽ مذهبن ۾ آيا. لوهاڻا ۾ کتري؛ ميمڻ؛ خوجا؛ پڻ هنن جون شاخون آهن. لوهاڻن (Lohana) جون مکيه ٻوليون سنڌي؛ گجراتي؛ ڪڇي ۽ ڪاٺياواڙي آهن. هنن جو ڪاروبار پوري ساحلي پٽي تي گجرات؛ ڪاٺياواڙ؛ ڪڇ کان ٿيندي سنڌ تائين هو.

لوهاڻا پهرين شروعاتي طور تي سڀ هندو هئا. بعد ٻيا مذهب قبول ڪين.

پينالي ڳوٺ کان ڪاروبار وڌائڻ لاء هن خاندان وير وال (Veraval) شهر جتي کان مشهوري زمانه سومناٿ جو مندر 7 ڪلو ميٽر پري آهي اتي لڏي آيا. جيڪو جونا گڙھ رياست جو قلعي وارو بندر گاھ وارو شهر ۽ سنڌ ۽ عرب سان واپار لاء اهم هو.

پريم جي ڀائي مڇي جو ڪاروبار شروع ڪيو. پر سندس برادري سخت مخالفت ڪئي ڇو لوهاڻا شاڪاهاري (صرف ڀاڄيون کائيندڙ) هئا. سندس مڪمل ڀهشڪار ( برادري مان خارج) ڪيو. ڪافي پيسو ڪمائڻ کان پوء ھن اهو ڪاروبار بند ڪيو ۽ برادري سان ٺاھ جي ڪوشش ڪئي. چڱي مڙس کي منٿ ميڙ به ڪئي. پر سندن چڱي مڙس ٺاھ نه ڪيو.

پريم جي ڀائي جي مرڻ کان پوء سندس پٽ پونج لال کي سندس پي جي بيعزتي؛ ڀهشڪار ۽ لاچاري تي ڪاوڙ ورتي ۽ هن ڪاوڙ مان لوهاڻن جي مقابلي ۾ جئين ته اتي برابري ۾ مسلمان هئا. انڪري اسلام قبول ڪيو.

اسلام کان پوء هن پٽن جا نالا ڦرائي مسلمانن وارا رکيا. پر پنهنجو پراڻو پيار وارو نالو زينو تبديل نه ڪيو جنهن کي گجراتي ۾ جينو پڻ چوندا آهن. جنهن جي معني سڪلڙو يا سنهڙو آهي.

سندس نالو تبديل ٿيندي جينو ڀائي پونجا مان جناح ڀائي پونجا ٿي ويو.

جناح ڀائي پونجا کي ٻه ڀائر هئا. هڪ وال جي پونجا ۽ ٻيو نٿو پونجا.

وال جي ڀائي کي هي اولاد هو. جعفر علي؛ حسين علي ۽ غلام علي. نٿو ڀائي جي اولاد ۾ اسلم علي.

جناح ڀائي پونجا گرام ٽريڊنگ ڪمپني سان گڏيل ڪاروبار شروع ڪيو. جنهن جي برانچ ڪراچي ۾ هئي ۽ ھن وير وال کان لڏي اچي ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪئي.

سندس شادي مٺي ٻائي سان ٿي. هن جو اولاد محمد علي؛ احمد علي (جنهن هڪ انگريز ناري ايمي سان شادي ڪئي.)؛ رحمت علي؛ بوند علي؛ شيرين؛ فاطمه ۽ مريم.

ان کانپوءِ هنن ذات جي خاني ۾ جناح لکرائڻ شروع ڪيو