مواد ڏانھن هلو

پولينيزيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پولينيزيا پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽن جي ٽي ٿقافتي علائقن مان هڪ آهي. ٻيا ميلئنيزيا ۽ مائڪرونيزيا آهن.
اوشينيا جا ذيلي علائقا؛ مئلينيزيا، پولينيزيا، مائڪرونيزيا ۽ آسٽريليشيا، گڏوگڏ ان جا خودمختيار ۽ منحصر علائقا
پولينيزيا کي عام طور تي "پولينيزيائي ٽڪنڊي" جي اندر واقع ٻيٽن سان حوالو ڏنو وڃي ٿو.
خودمختيار (تيز نارنگي) ۽ منحصر (پيلو رنگ) ٻيٽن جي آئوٽ لائن

پولينيزيا (Polynesia) مرڪزي ۽ ڏکڻ پئسفڪ سمنڊ ۾ پکڙيل 1,000 کان وڌيڪ ٻيٽن تي مشتمل، اوشينيا جو هڪ ذيلي علائقو آهي. مقامي ماڻهو جيڪا پولينيزيا جي ٻيٽن تي رهن ٿا کي پولينيشيائي سڏيو ويندو آهي، ۾ ڪيتريون ئي شيون مشترڪ آهن، جنهن ۾ لساني لاڳاپا، ثقافتي طريقا ۽ روايتي عقيدا شامل آهن.

"پولينيزي" اصطلاح پهريون ڀيرو 1756ع ۾ فرانسيسي ليکڪ چارلس ڊي بروسس پاران استعمال ڪئي وئي هئي. جنهن اصل ۾ ان کي پئسفڪ جي سڀني ٻيٽن تي لاڳو ڪيو هو. 1831ع ۾، جولس ڊومونٽ ڊي ارول پيرس جي "سوسائٽي ڊي جيوگرافي" ۾ هڪ ليڪچر دوران، هڪ تنگ تعريف پيش ڪيو، جن جي مطابق ڏکڻ پئسفڪ ۾ واقع ٻيٽن کي اڪثر ڪري ڏکڻ سمنڊ جا ٻيٽ پڻ سڏيو ويو آهي ۽ انهن جي رهاڪن کي ڏکڻ سمنڊ جا ٻيٽ وارا سڏيو ويندو آهي. [1] هوائي ٻيٽن کي، انهن جي ڏکڻ پئسفڪ ٻيٽن سان نسبتاً ويجهو هجڻ جي ڪري اڪثر ڏکڻ سمنڊ جي ٻيٽن جو حصو سمجهيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ اها حقيقت ۾ اتر پئسفڪ ۾ واقع آهن. استعمال ۾ هڪ ٻي اصطلاح جيڪي هن عدم مطابقت کان بچي ٿي، پئسفڪ سمنڊ ۾ ٻيٽن جي ترتيب مان ٺهيل شڪل مان، "پولينيزيائي ٽڪنڊو" آهي. . هي اصطلاح واضح ڪري ٿي ته گروهه ۾ هوائي ٻيٽ شامل آهن، جيڪا حوالو ڏنل "ٽڪنڊي" جي اترئين چوٽي تي واقع آهن.

حوالا

[سنواريو]
  1. Russell, Michael (1849). Polynesia: A History of the South Sea Islands, including New Zealand.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]