مواد ڏانھن هلو

پهرين اسلامي رياست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مديني جي پهرين اسلامي رياست


الدولة الإسلامية في المدينة (عربي)

* دور
خلافت راشده (تقريبن 42 هجري مطابق 654ع) ۾ مديني جي رياست (سائو رنگ ۾. هن سان گڏ غزوہ جيڪا نبي ﷺ جي اڳواڻي ۾ ٿيا، جي جايو ۽ مديني کان رستا به ڏيکاريل آهن.
* دور خلافت راشده (تقريبن 42 هجري مطابق 654ع) ۾ مديني جي رياست (سائو رنگ ۾. هن سان گڏ غزوہ جيڪا نبي ﷺ جي اڳواڻي ۾ ٿيا، جي جايو ۽ مديني کان رستا به ڏيکاريل آهن.
رياست جو مرڪزمدينو
ٻوليعربي
قسمرياست
حڪومت
 اڳواڻ
پيغمبر، محمد صلي الله عليه وآله وسلم
 پھريون راشد خليفا
امير المومنين سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله تعالي عنه
 ٻيون راشد خليفا
امير المومنين سيدنا عمر فاروق رضي الله تعالي عنه
 ٽيون راشد خليفا
امير المومنين سيدنا عثمان غني رضي الله تعالي عنه
 چوٿون راشد خليفا
امير المومنين، سيدنا علي مرتضي رضي الله تعالي عنه
قیام
 مديني ۾ نبي محمد ﷺ جي آمد، ميثاقِ مدينه ۽ رياست جو قيام
پهرين هجري، 622ع
پهرين هجري، 622ع
رمضان 2 هجري 624ع
ٻئين 3 هجري، 625ع
پهرين هجري 622ع
ٻئين هجري، 624ع
ٻئين هجري، 624ع
پهرين هجري 622ع
 پيغمبر محمد ﷺ جو وصال
12 ربيع الأول، 10 هجري، شمسي سال 632ع

پهرين اسلامي رياست (First Islamic State)، جنهن کي مديني جي رياست (State of Madinah)[1] جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، پهرين اسلامي رياست هئي جيڪي حضرت محمد ﷺ پاران 622ع ۾ مديني ۾ "ميثاقِ مدينه" (مديني جي آئين) تحت قائم ڪئي وئي هئي. اها مسلم امت جي سياسي اتحاد جي نمائندگي ڪري ٿي. سندس وصال کان پوءِ، سندس ساٿي جيڪي هدايت يافته خليفا (راشدون خليفا) جي نالي سان مشهور آهن، خلافت راشده (632ع-661ع) قائم ڪئي، جيڪا وڏي پئماني تي واڌ شروع ڪئي ۽ بعد ۾ اسلامي رياستن، جهڙوڪ اموي خلافت (661-750) ۽ عباسي خلافت (750-1258) کي متحرڪ ڪيو.

حضرت محمد ﷺ پنهنجي پوئلڳن جي مڪي کان مديني ڏانهن هجرت کان پوءِ پاڻ به مديني ڏانهن هجرت ڪيائين. شهر جي مسلمانن، جن کي بعد ۾ "انصار" سڏيو ويو، انهن کي مديني ڏانهن هجرت ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. شهر جي يهودي ۽ بت پرست رهواسين طرفان هڪ ثالث جي حيثيت سان سندس مثبت استقبال ڪيو ويو.[2] نتيجي طور، هن کي شهر جي سياسي اڳواڻ جي طور تي عوامي اتفاق راءِ سان قبول ڪيو ويو ۽ سندس اڳواڻي ۾ پهرين اسلامي رياست قائم ڪئي وئي.[3]

هن مهاجر مسلمانن ۽ مديني جي انصار ٻئي قبيلن جي وچ اتحاد قائم ڪيو ۽ مديني جي مشترڪه دفاع ۽ انتظام لاء يهودين سان معاهدو ڪيو، جن کي "ميثاق مدينه" چيو ويو. رياست جو انتظام گهڻو ڪري، سندس اڳواڻي ۾ هن معاهدي جي تحت ڪيو ويو.[4]

مدني دور جو خاڪو

[سنواريو]

تاريخ

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Khel, Muhammad Nazeer Kaka (1982). "Foundation of the Islamic State at Medina and Its Constitution". Islamic Studies 21 (3): 61–88. ISSN 0578-8072. https://www.jstor.org/stable/20847209.
  2. Jones, Lindsay, ed (2005). Encyclopedia of Religion (2nd ed.). Detroit: Macmillan Reference USA. ISBN 978-0-02-865733-2.
  3. "Prophet Muhammad in Medina | Advent of Islam". History of Islam (ڪينيڊيائي انگريزي ۾). 2025-01-04 تي حاصل ڪيل.
  4. Khel, Muhammad Nazeer Kaka (1982). "Foundation of the Islamic State at Medina and Its Constitution". Islamic Studies 21 (3): 61–88. ISSN 0578-8072. https://www.jstor.org/stable/20847209.