پن بجلي

پڻ بجلي (Hydroelectricity)، هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور، پاڻي جي طاقت مان پيدا ٿيندڙ بجلي آهي (پاڻيء جي امڪاني توانائي کي حرڪي توانائي ۾ تبديل ڪندي). پن بجلي دنيا جي بجلي جو 15 سيڪڙو (2023ع ۾ تقريبن 4,210 ٽريلين واٽ-آور) فراهم ڪري ٿي،[1] جيڪو ٻين سڀني قابل تجديد ذريعن کان پيدا ٿيل بجلي ۽ ايٽمي توانائي جي ڪل مقدار، کان به وڌيڪ آهي. پن بجلي وڏي مقدار ۾ گهٽ ڪاربن جي آلودگي سان بجلي فراهم ڪري سگهي ٿي ۽ طلب تي، ان کي محفوظ ۽ صاف بجلي جي فراهمي جي نظام ٺاهڻ لاءِ هڪ اهم عنصر بڻائي ٿو.
هڪ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور اسٽيشن، جن جي تعمير ۾ هڪ ڊيم ۽ اچي جاء تي ذخيرو (مصنوعي ڍنڍ) شامل آهي، پن بجلي جي پيداور جو هڪ لچڪدار ذريعو آهي، جئين ته بجلي جي مختلف طلب جي جواب ۾، بجلي جي پيداوار کي سيڪنڊن يا منٽن ۾ وڌائي يا گهٽائي سگهجي ٿو. هڪ ڀيرا تعمير کانپوء، اها سڌي سنئون آلودگي يا فضلو پيدا نٿو ڪري ۽ تقريبن هميشه فوسل ايندھن (ڪوئلو، قدرتي گئس ۽ پيٽرول) تي هلندڙ توانائي پلانٽس جي ڀيٽ ۾ گهٽ گرين هائوس گئس خارج ڪري ٿو.[2] پڻ جڏهن برساتي ٻيلن واري، هيٺاهين زمين ۾ تعمير ڪيو ويندو آهي، برساتي ٻيلا ٻڏي وڄن ٿا ۽ گرين هائوس گيسن جي وڏي مقدار خارج ٿي سگهي ٿي.[3]
هائيڊرو اليڪٽرڪ ڪمپليڪس جي تعمير جا ماحولياتي اثر، خاص طور تي قابلِ زراعت زمين جي نقصان ۽ آبادي جي بي گھر ٿيڻ ۾ اهم ٿي سگهن ٿا.[4][5] اهي درياءَ جي قدرتي ماحوليات، جنهن ۾ رهائش ۽ ماحولياتي نظام کي متاثر ڪرڻ ۽ گاد ۽ ڪٽاؤ جا نمونا شامل آهن، کي به خراب ڪن ٿا. جڏهن ته ڊيم ٻوڏ جي خطرن کي گهٽائي سگهن ٿا، ڊيمن جي ناڪامي تباهي آڻي سگهي ٿي.
سال 2021ع ۾، عالمي طور تي نصب ٿيل هائيڊرو پاور بجلي جي گنجائش تقريبن 1,400 گيگا واٽ تائين پهچي وئي،[6] جيڪا سڀني قابلِ تجديد توانائي ٽيڪنالاجين ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. پن بجلي برازيل، ناروي ۽ چين جهڙن ملڪن ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي،[7] پر جاگرافيائي حدون ۽ ماحولياتي مسئلا هن کي محدود ڪندا آهن.[8] ساحلي علائقن ۾ سامونڊي لهرن جي پاور (Tidal Power) استعمال ٿي سگهجي ٿي.
چين سال 2022ع ۾ پنهنجي توانائي وسيلن ۾ 24 گيگا واٽ شامل ڪيو، اهو عالمي هائيڊرو پاور گنجائش ۾ اضافي جو تقريبن ٽي چوٿون 3/4 حصو آهي. يورپ پنهنجي توانائي وسيلن ۾ ٻه گيگا واٽ (سال 1990ع کان پوءِ علائقي لاءِ سڀ کان وڏي مقدار) بجلي شامل ڪئي. ساڳئي وقت، عالمي سطح تي، سال 2022ع ۾ هائيڊرو پاور جي پيداوار 70 ٽيرا واٽ-آور (%2) وڌي وئي ۽ ٻين سڀني ٽيڪنالاجين کي گڏ ڪري، سڀ کان وڏو قابل تجديد توانائي جو ذريعو رهي ٿو.[9]
پڻ ڏسو
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Hydroelectricity. |
- Hydropower Reform Coalition آرڪائيو ڪيا ويا 2024-09-18 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- European Small Hydropower Association
- IEC TC 4: Hydraulic turbines (International Electrotechnical Commission - Technical Committee 4) IEC TC 4 portal with access to scope, documents and TC 4 website آرڪائيو ڪيا ويا 2015-04-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Global Electricity Review 2024". Ember (آمريڪي انگريزي ۾). 2024-05-07. 2024-09-02 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Renewables 2011 Global Status Report, page 25, Hydropower آرڪائيو ڪيا ويا 2015-09-24 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., REN21, published 2011, accessed 2016-02-19.
- ↑ de Faria, Felipe A M; Jaramillo, Paulina; Sawakuchi, Henrique O; Richey, Jeffrey E; Barros, Nathan (2015-12-01). "Estimating greenhouse gas emissions from future Amazonian hydroelectric reservoirs". Environmental Research Letters 10 (12): 124019. doi:. ISSN 1748-9326. Bibcode: 2015ERL....10l4019D.
- ↑ Fearnside, Philip M. (1989-07-01). "Brazil's Balbina Dam: Environment versus the legacy of the Pharaohs in Amazonia" (en ۾). Environmental Management 13 (4): 401–423. doi:. ISSN 1432-1009. Bibcode: 1989EnMan..13..401F. https://doi.org/10.1007/BF01867675.
- ↑ Yardley, Jim (2007-11-19). "Chinese Dam Projects Criticized for Their Human Costs". The New York Times (آمريڪي انگريزي ۾). ISSN 0362-4331. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان April 21, 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-04-21 تي حاصل ڪيل.
- ↑ December 2022, "Renewables 2022", IEA, Paris, license: CC BY 4.0.
- ↑ "BP Statistical Review of World Energy 2019" (PDF). BP. 28 March 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Large hydropower dams not sustainable in the developing world". BBC News. 5 November 2018. 27 March 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Hydroelectricity". IEA – International Energy Agency. 28 April 2024.
- مضمون with short description
- Short description matches Wikidata
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- Commons link is locally defined
- Commons category wi local airtin different than on Wikidata
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- توانائي
- ماحوليات
- قابل تجديد توانائي
- Bright green environmentalism
- Hydroelectricity
- Landscape
- Sustainable technologies