پلٿ ھڻي ويھڻ
ڏيک
پلٿ ھڻي ويھڻ؛ ويھڻ جو ھڪڙو ڍنگ، جنھن ۾ ٻئي گوڏا ٻيڻائي، ھڪ-ڪرا ۽ پاسيرا ڪري ويھبو آھي . خاص طور تي کٽ يا تڏي تي پلٿ ھڻي ويھبو آھي. ان طريقي ۾ گوڏا پيٽ ڏانھن نه ورندا آھن، بلڪي ٻاھر تي نڪتل رھندا آھن. اگر ھڪڙو ماڻھو ڊھي ھڻي ويھي رھي ۽ چوڻ تي به نه وڃي ان لاءِ اصطلاحًا چوندا آھن؛ ”فلاڻو پلٿ ماري ويھي رھيو آ.“ يا موراڳو چئبو آ؛ ”فلاڻي ڊھي ھنئي آ ۽ وڃڻ جي واري ئي نه ٿو واري.“ نماز اندر التحيات ۾ ويھڻ واري انداز سان ويھڻ کي ”گوڏا ڀڃي ويھڻ“ ٿو سڏجي. اردوءَ وارا ان کي ”دو زانو بيٺنا“ چوندا آھن. </ref> محقق ۽ ٻوليدان؛ عبدال وھاب سھتو<ref>