پشين
| ھي مضمون ڪن بہ ذريعن جو حوالو نٿو رکي. |
| پشين | |
|---|---|
| شھر | |
| متناسقات: 30°35′05″N 66°59′41″E / 30.584809°N 66.994775°E | |
| ملڪ | پاڪستان |
| بلندي | 1,555 ميل (5,102 ft) |
| بلند ترین پیمائش | 1,700 ميل (5,500 ft) |
| پست ترین پیمائش | 1,400 ميل (4,500 ft) |
| آبادي (1998) | |
| • تخمينو (1998) | 20,479 |
پشين(انگريزي: Pishin) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جو ھڪ شھر ۽ ضلعي جو صدر مقام آھي. ھي شھر روڊ رستي ڪوئيٽا سان ڳنڍيل آهي. اھو بلوچستان جي پشتون آبادي واري زميني پٽي ۾ واقع آهي. اھڙي طرح ھتي جي آبادي پشتون يا پختون قبيلن تي مشتمل آهي. ھتي ڪيترن ئي قسمن جا ميوا ۽ سبزيون پيدا ٿينديون آهن ۽ ان لحاظ کان ملڪيار وارو علائقو مرڪز آهي جتي ھڪ خوبصورت ڍنڍ بند خوشدل خان واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]پشين شھر جو بنياد برٽش ايمپائر 1883 ۾ وڌو [1] ھن شھر اينگلو افغان جنگ وڏو ڪردار ادا ڪيو. مقامي قبيلن باران خان ترين جي انگرين جي خلاف جنگ ۾ مدد ڪئي ھئي جيڪو افغانستان ويندڙ برٽش فوج تي حملا ڪندو هو. ٻي جنگ عظيم ۾ يونائيٽيڊ ڪنگڊم ھن ضلعي ۾ ٻہ ھوائي اڏا قائم ڪيا ھيا : ھڪ پشين جي لڳ ۽ ٻيو سارنان لڳ.
جاگرافي
[سنواريو]بلوچستان جي اتر-اولھ ۾[2] افغانستان جي سرحد تي واقع آھي.اونھاري ۾ گرميءَ جو درجو 40 ڊگري سينٽي گريڊ يا 104 فارنھائيٽ تائين پهچندو آهي ۽ سياري ۾ برف ڄمڻ واري درجي تي پھچندو آھي.
معيشيت
[سنواريو]ھتي ميون جي پيدوار جام ٿئي ٿي ۽ شھر ان واپار جو مرڪز آهي. ميون جي واپار ۾ صوف، ڏاڙھون ، گدرا ۽ انگور شامل آهن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Pishin". Encyclopædia Britannica. Encyclopædia Britannica Online. Encyclopædia Britannica Inc., 2015. Web. 02 Apr. 2015.
- ↑ "Location of Pishin – Falling Rain Genomics", حاصل ڪيل 9 November 2014۔