پست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پُست هن کي انگريزيءَ ۾ پاپِي چون ٿا. هن جا گهڻا ئي قسم آهن، جي قد ۽ رنگ ۾ تفاوت رکن ٿا. ٻج آڪٽوبر ۾ پوکڻ گهرجي ۽ کليل ٻارن ۾. زمين هلڪي ۽ ڀلي هئڻ کپي. هن کي هڪڙي هنڌان ٻئي هنڌ ٽپائڻ نه گهرجي. ولايت مان آيل ٻج اڪثر ڪين ڦٽندو آهي،تنهنڪري بهتر آهي ته سال بسال پنهنجو ٻج ڪڍي رکجي.

هن جو هڪڙو قسم اهو آهي، جنهن کي آفيمي پست چئي سگهجي ٿو، جو ان جي ڪُپڙين مان چهڪ ڏئي آفيم ڪڍندا آهن. ان جا اڇا ۽ وڏا گل ٿيندا آهن. ٻيو قسم رواجي يا بُستاني آهي، جو رڳو باغن ۾ سونهن لاءِ پوکيندا آهن. اهو لالا جي گل جهڙا گل ڪندو آهي ۽ ڪُپڙيون به ٿينديون اٿس. ڪي ماڻهو انهيءَ کي لالا به سڏيندا آهن. ٽيون قسم هڪڙو ڪنڊن وارو آهي، جنهن کي خاردار پست چون ٿا. هندستاني مالهي انهيءَ کي پِيلو ڌاتورو به چوندا آهن. هن جا ولايتي قسم، جي اصل فرانس ۽ ڪيليفورنيا مان ايندا آهن، تن کي نالو به انهن ملڪن جو مليل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو