مواد ڏانھن هلو

پرڏيهي امداد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پرڏيهي امداد، ٻاهرين امداد يا فارين ايڊ (Foreign aid) اصل ۾ ڪنهن شاهوڪار مُلڪ يا تنظيم طرفان موڙيءَ، وکر ۽ خدمتن جي صورت ۾ ٻئي گهرجائو مُلڪ يا آباديءَ جي مدد ڪرڻ جو عمل آهي.[1] عام طور اُسريل ملڪن طرفان هيءُ اقتصادي اٽڪل پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتب آندي وڃي ٿي.

پرڏيهي امداد ڏيندڙ ۽ وٺندڙ وچ ۾ هڪ تعلق ٿئي ٿو، جنهن کي هاڪاري انداز ۾ ڏٺو وڃي ٿو. پر چئي سگهجي ٿو ته ٻن غير برابر ملڪن جي وچ ۾ امدادي تعلق ناڪاري ۽ ظالماڻو به ٿي سگهي ٿو. ملڪن سان گڏ بين الاقوامي ادارا جهڙوڪ گڏيل قومون ۽ عالمي بئنڪ وغيره به امداد جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Foreign aid", Online Sindhi Dictionaries, حاصل ڪيل 2024۔