پرڏيهي امداد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پرڏيهي امداد، ٻاهرين امداد يا فارين ايڊ (Foreign aid) اصل ۾ ڪنهن شاهوڪار مُلڪ يا تنظيم طرفان موڙيءَ، وکر ۽ خدمتن جي صورت ۾ ٻئي گهرجائو مُلڪ يا آباديءَ جي مدد ڪرڻ جو عمل آهي، عام طور اُسريل ملڪن طرفان هيءُ اقتصادي اٽڪل پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتب آندي وڃي ٿي. پرڏيهي امداد ڏيندڙ ۽ وٺندڙ وچ ۾ هڪ تعلق ٿئي ٿو .جنهن کي هاڪاري انداز ۾ ڏٺو وڃي. پر چئي سگهجي ٿو ته ٻن غير برابر ملڪن جي وچ ۾ امدادي تعلق ناڪاري ۽ ظالماڻو به ٿي سگهي ٿو، ان هوندي به شروعاتي دور ۾ اهي لاڳاپا ڪنهن ڪمزور قوم لاءِ سزا بدران انعام هوندا آهن. ان لاڳاپي مطابق امداد ڏيندڙ وٽ، اها صلاحيت موجود هجي، جنهن کي هُو غريب ملڪ کي مدد ڏيڻ واري عمل ۾ تبديل ڪري سگهي. ساڳيءَ طرح امداد وٺندڙ لاءِ واضح هجي ته اهڙي امداد هن لاءِ واڌو وسيلو ثابت ٿيندي. پر اهو تڏهن ٿيڻ جوڳو آهي، جڏهن ٻئي ڌريون هاڪاري نتيجن جون خواهشمند هجن. ملڪن سان گڏ بين الاقوامي ادارا جهڙوڪ گڏيل قومون ۽ عالمي بئنڪ وغيره به امداد جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. [1]

حوالا[سنواريو]