مواد ڏانھن هلو

پريم تنواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پريم تنواڻي
ڏيھي ٻوليءَ ۾ نالو پريم تنواڻي
ڄم پريم
رائيپور
وفات 5 جون 2025
ڇتيسڳڙھ، انڊيا
قلمي نالو دادا پريم تنواڻي
ڌنڌو ليکڪ، تحقيقدان، ودوان
قوميت ھندستاني
مُکيه ڪم سنڌي وياڪرڻ، لسانيات

پريم تنواڻي(انگريزي ٻولي: Prem Tanwani) (وفات: 5 جون 2025ع) سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ناليوارو گياني، ليکڪ، محقق، ۽ ديوناگري لپيءَ جو سرگرم حامي هو[1][2][3]. هن سڄي ڄمار سنڌي ٻولي، ساھت، ثقافت، ۽ قومي سڃاڻپ جي واڌاري لاءِ ارپي ڇڏي. ھو هڪ اهڙو نرالو فڪري ماڻھو هو، جيڪو نه رڳو علمي دنيا ۾، پر سوشل ميڊيا جي ذريعي به سنڌي ماڻھن ۾ ڏاڍو مقبول ۽ قابلِ عزت رهيو.

جيون خاڪو

[سنواريو]

پريم تنواڻي جو جنم ڀومي هندستان هئي، ۽ ابتدائي زندگيءَ جا گهڻا سال رائپور شهر ۾ گذاريائين، جتي هو هڪ اخبار جو ايڊيٽر ڊيٽر طور ڪم ڪندو رهيو. سندس اصل ڳوٺ لشڪري چانڊيو، ضلعي لاڙڪاڻو، سنڌ آهي، جنهن جي ياترا ڪرڻ سندس وڏي خواهش هئي، جيڪا پوري نه ٿي سگهي.

ورهاڱي کان پوءِ سندس پريوار هندستان لڏپلاڻ ڪري ويو. پوءِ هو رائيپور شهر، ضلعي ۽ رياست ڇتيسڳڙھ، ڀارت ۾ مستقل طور آباد ٿيو. اتي ئي سندس سڄي زندگي علمي ۽ لساني سيوا ڪندي گذري.

پيشور زندگي

[سنواريو]

پريم تنواڻي ڪيترائي سال رائيپور ۾ اخبار سان لاڳاپيل رهيو ۽ ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رهيو، ان کان پوءِ هن جو ڌيان سنڌي ٻولي، ادب ۽ تحقيق ڏانهن وڌيو، جنھن ۾ پوريءَ ريت پاڻ ارپي ڇڏيو.

ٻولي ۽ ساھت سيوا

[سنواريو]

پريم تنواڻي سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ڄاڻو هيو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي جديد دور جي انهن نمايان ماڻهن مان هو، جن نه رُڳو ٻوليءَ سان لاڳاپو ڏيکاريو، پر ان کي نئين ٽھيءَ تائين پهچائڻ لاءِ علمي بنيادن تي ڪم ڪيو. هو خاص طور تي سنڌي ٻولي لاءِ ديوناگري لپيءَ جي وڏي پٺڀرائي ڪندو هو. ان موضوع تي هو بار بار وائيس نوٽس، لکتون، ۽ ٽيڪاٽٻڻي ڪندو هو. سندس آواز، اندازِ بيان ۽ دليل، ٻوليءَ سان سندس پيار جو عڪس هوندا هئا. ھن ڪيترائي لساني مضمون لکيا، ادبي پرچار ڪئي جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ اھم اثاثو آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي، لپي، ۽ ادبي لاڙن تي سندس راءِ سميت سنڌي ادب، لسانيات، ۽ تاريخ بابت هن جي ڄاڻ ادبي حلقن کي گهرو فڪر ڏنو. سندس علمي اظهار خاص طور سوشل ميڊيا ۽ واٽس ايپ ذريعي عام سنڌي ماڻهن تائين پهچندو رهيو.

لکيل ڪتاب

[سنواريو]
  1. سواتنترا سنگرام اور سنڌ ڪا ہوڳدان[4]

فڪري لاڳاپو

[سنواريو]

دادا پريم تنواڻي سنڌ جي آزادي جو پڪو حامي هو. هو پنهنجي هر نياپي ۽ خطاب ۾ اها ڳالهه ورجائيندو هو ته "ھر سنڌيءَ جو رستو رُڳو سنڌ جو آجپو هجڻ گهرجي"، ۽ هر سنڌيءَ کي پنهنجي حصي جو قومي نڀائڻ گهرجي." سندس اهڙي بيباڪ راءِ کيس سنڌ جي آزادي پسند فڪري ڌارائن جو نمايان آواز بڻايو.

سوشل ميڊيا تي ڪردار

[سنواريو]

پريم جي سوشل ميڊيا وسيلي به تمام سٺي سڃاڻپ هئي. هو ورلڊ سنڌي فورم نالي واٽس ايپ گروپ جو سرگرم رڪن هو، جتي آمريڪا کان انڊونيشيا تائين سنڌي ڄاتل سڃاتل سنڌي ماڻهو شامل هئا. ان فورم جا سڀ ساٿي کيس سڪ سان "دادا پريم" ڪري سڏيندا هئا. هو سدائين فڪري، لساني، ۽ قومي معاملن تي اثرائتي راءِ ڏيندو هو.

لاڏاڻو

[سنواريو]

پريم تنواڻي 5 جون 2025ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس لاڏاڻي جي خبر سنڌي علمي، ادبي ۽ قومي حلقن لاءِ هڪ گھري ويراڳ ڇڏيو. سندس اڌوري خواهش، جيڪا سڄي زندگي ساڻس رهي، اها هئي سنڌ ۾ اباڻو ڳوٺ لشڪري چانڊيا، لاڙڪاڻي جو درشن ڪرڻ، جيڪا هن سان گڏ دفن ٿي وئي، پر سندس سيوا، فڪر، ۽ آواز سدائين سنڌ جي اتھاس جو ڀاڱو رهندا.

ورثو

[سنواريو]

پريم تنواڻي سنڌي ٻوليءَ، ديوناگري لپي، ۽ قومي شعور بابت جيڪا شعور جاڳايو، ان کي سدائين ياد ڪيو ويندو. هو سڄي انسانيت جو خيرخواهه هو، سندس زندگيءَ جو نچوڙ سندس ئي جملي ۾ سمايل آهي، جيڪو ھو پنهنجي نياپن جي پڇاڙيءَ ۾ چوندو هو: "جيئي سنڌ، جيئي هند، جيئي ساري دنيا!"

حوالا

[سنواريو]