مواد ڏانھن هلو

پري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Fairy
1888 illustration by Luis Ricardo Falero of a modern fairy, with butterfly wings
گروه بنديLegendary creature
Pixie
Sprite
Tuatha Dé Danann
خطوEurope

پري (Fairy) هڪ قسم جي افسانوي مخلوق آهي، عام طور تي انساني شڪل واري (anthropomorphic) طور بيان ڪيو ويندو آهي. اها ڪيترن ئي يورپي ثقافتن (جن ۾ سيلٽڪ، سلاوڪ، جرمنڪ ۽ فرانسيسي لوڪ ڪهاڻين شامل آهن) جي لوڪ روايتن ۾ ملندي آهي؛ اها هڪ قسم جي مافوق الفطرت هستي آهي، جنهن ۾ اڪثر ڪري جادوئي، مابعدالطبعياتي يا غير معمولي خاصيتون هونديون آهن.

پريين بابت ڏند ڪٿائن ۽ قصن جو ڪو هڪ بنياد ناهي، بلڪه اهي مختلف ذريعن کان مليل عوامي عقيدن جو مجموعو آهن. پريين جي اصل بابت مختلف عوامي نظرين ۾ انهن کي عيسائي روايتن مطابق درجو گهٽايل فرشتن يا شيطانن، قديم عقيدن (رومي، يوناني) ۾ ديوتائن، مئل ماڻهن جي روحن، انسانن جي قديم اڳوڻي روپن، يا فطرت جي روحن طور پيش ڪيو ويو آهي.

پري جي اصطلاح ڪڏهن ڪڏهن صرف انهن مخصوص جادوئي مخلوقن لاءِ استعمال ٿيندي رهيي آهي جيڪا انساني شڪل، جادوئي طاقتن ۽ چالاڪي يا ڌوڪي جي فطرت جون مالڪ هونديون هيون. ٻين موقعن تي، اهو اصطلاح ڪنهن به جادوئي مخلوق، جهڙوڪ "گوبلن" (goblins) ۽ "نوميس" (gnomes) جي وضاحت لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويو آهي. ”پري“ لفظ ڪڏهن ڪڏهن هڪ صفت طور پڻ استعمال ٿيو آهي، جنهن جي معنيٰ جادو اثر" يا "خوبصورتي" آهي. اهو لفظ ان جاءِ جي نالي طور پڻ استعمال ٿيندو رهيو آهي جتان اهي مخلوقون اچن ٿيون: يعني "پرين جي سر زمين" (Fairyland) يا پرين جي دنيا، جئين ته ڪوهه قاف.

پريين بابت ڏندڪٿائن ۾ هڪ بار بار ورجائجندڙ موضوع حفاظتي تعويذن يا طريقن ذريعي پريين کي پري رکڻ يا انهن کان بچاءُ ڪرڻ آهي. اهڙن حفاظتي طريقن جي عام مثالن ۾ چرچ جي گهنٽين جي آواز، ڪپڙا اونڌا (يا ابتا) پائڻ، چار پنن واري "ڪلوور ٻوٽي" جو استعمال ۽ کاڌا شامل آهن. اهو به مڃيو ويندو هو ته پريون ڪجهه مخصوص هنڌن تي موجود هونديون هيون ۽ "ويل-او-دي-وسپس" (will-o'-the-wisps - يعني ويرانين ۾ چمڪندڙ روشني) ذريعي مسافرن کي گمراهه ڪنديون هيون. جديد طب جي اچڻ کان اڳ، اڪثر ڪري بيمارين، خاص طور تي تپ دق ۽ پيدائشي نقصن جو ذميوار پريين کي قرار ڏنو ويندو هو.

عوامي روايتن ۾ پنهنجي اصل کان علاوه، پريون نشاۃِ ثانيه جي ادب ۽ رومانوي فن جو هڪ اهم حصو رهيون آهن ۽ خاص طور تي برطانيا ۾ وڪٽورين ۽ ايڊورڊين دورن دوران مقبول رهيون آهن. "سيلٽڪ بحالي" (Celtic Revival) يا سيلٽڪ ثقافتي ورثي جي بحاليءَ واري تحريڪ دوران به پرين کي سيلٽڪ ثقافتي ورثي جو هڪ بنيادي ۽ اهم حصو تسليم ڪيو ويو.

حوالا

[سنواريو]