مواد ڏانھن هلو

پروٽين

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(پروٽين Proten کان چوريل)
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون ماليڪيولن جي گروپ تي آهي. پروٽين بطور غذائي جز جي لاءِ پروٽين (غذا) ڏسو. ٻين استعمالن لاءِ other uses Protein (disambiguation) ڏسو.

پروٽين، مايوگلوبن جي ڍانچي جو هڪ 3D جي اظهار، جنهن ۾ فيروزي رنگ جا α-گڇا ڏيکاريا ويا آهن. هي پهريون پروٽين جو قسم هو جنهن جي جوڙجڪ کي ايڪس ري ڪرسٽلوگرافي ذريعي حل ڪيو ويو. ساڄي مرڪز ڏانهن، گڇن جي وچ ۾، هڪ پروسٿيٽڪ ​​گروپ جنهن کي هيم گروپ (Heme group) سڏيو ويندو آهي (نيري رنگ ۾) ۽ آڪسيجن جو هڪ گهيريل ماليڪيول (ڳاڙهي رنگ ۾).

پروٽين (Protein) حياتياتي ماليڪيول ۽ وڏا ماليڪيول (macro molecules) آهن، جيڪا حياتياتي تيزاب (Amino acid) جي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڊگھي زنجيرن تي مشتمل هوندا آهن. پروٽين جاندارن جي اندر ڪمن جو هڪ وسيع سلسلو انجام ڏين ٿا، جنهن ۾ ميٽابولزم جي عمل کي تيز ڪرڻ، ڊي اين اي جي ريپليڪئشن، محرڪن جي تابعداري، جيو گهرڙن ۽ جاندارن کي جوڙجڪ ڏيڻ ۽ ماليڪيولن جي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين منتقلي شامل آهي. پروٽين هڪ ٻئي کان بنيادي طور تي امائنو ايسڊ جي ترتيب ۾ مختلف هوندا آهن، جيڪا انهن جا جين (Gene) جي نيوڪليوٽائيڊ ترتيب جي ذريعي طئي ڪئي ويندي آهي، جيڪا عام طور تي پروٽين کي هڪ مخصوص 3D ڍانچي ۾ رکڻ (fold) ڪرڻ جو نتيجو آهي ۽ اها هنن جي افعال کي طئي ڪن ٿا.

امينو ايسڊ جي باقيات (residues) جي هڪ سڌي زنجير کي پولي پيپٽائڊ سڏيو ويندو آهي. هڪ پروٽين ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊگهو پولي پيپٽائڊ هوندو آهي. ننڍڙا پولي پيپٽائڊس، جن ۾ 20-30 کان گهٽ باقيات هوندا آهن، گهٽ ئي پروٽين سمجهيا ويندا آهن ۽ عام طور تي انهن کي صرف پيپٽائڊس سڏيو ويندو آهي. انفرادي امينو ايسڊ باقيات پيپٽائڊ بانڊ ۽ ڀرپاسي امينو ايسڊ باقيات سان گڏ ڳنڍيل هوندا آهن. پروٽين ۾ امينو ايسڊ باقيات جو تسلسل هڪ جين جي ترتيب سان بيان ڪيو ويندو آهي، جيڪو جينياتي ڪوڊ ۾ انڪوڊ ٿيل آهي. عام طور تي، جينياتي ڪوڊ 20 معياري امينو ايسڊ بيان ڪري ٿو؛ پر ڪجهه جاندارن ۾ جينياتي ڪوڊ ۾ سيلينوسسٽين ۽ ڪجهه آرڪيا ۾ پائروليسين شامل ٿي سگهن ٿا.

پنهنجي ترڪيب (synthesis) کان ٿوري دير پوءِ يا ان دوران به، پروٽين ۾ باقيات اڪثر ڪري ڪيميائي طور تي تبديلين (ڪوڊنگ کان پوءِ جي تبديلي) ذريعي تبديل ڪيا ويندا آهن، جيڪا پروٽين جي طبيعي ۽ ڪيميائي خاصيتن، فولڊنگ، استحڪام، سرگرمين ۽ آخرڪار، پروٽين جي افعال کي تبديل ڪن ٿا. ڪجهه پروٽين ۾ منسڪ غير پيپٽائيڊ گروپ هوندا آهن، جنهن کي پروسٿيٽڪ گروپ يا ڪوفيڪٽر سڏيو وڃي ٿو. پروٽين هڪ مخصوص فعل جي انجام ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا ۽ اها اڪثر مستحڪم پروٽين ڪمپليڪس ٺاهڻ لاءِ جڙيل هوندا آهن.

هڪ ڀيرو ٺهين کا پوء، پروٽين صرف هڪ خاص عرصي لاءِ موجود رھندا آهن ۽ پوءِ جيو گهرڙن جي ميڪانزم، پروٽين ٽرن اوور جي عمل ذريعي رد ۽ ري سائيڪل ڪيا ويندا آهن. هڪ پروٽين جي عمر ان جي اڌ زندگي جي لحاظ کان ماپي ويندي آهي ۽ اها هڪ وسيع رينج کي ڍڪيندي آهي. اها مماليائي جيو گهرڙن ۾، منٽن کان وٺي سالن تائين (1-2 ڏينهن جي سراسري عمر سان) موجود ٿي سگهن ٿا. ابنارمل يا غلط فولڊ ٿيل پروٽين وڌيڪ تيزي سان تنزل جو شڪار ٿين ٿا، يا ته رد ڪرڻ واري عمل جو نشانو بڻجڻ جي سبب يا انهن جي پاڻ غير مستحڪم هجڻ جي ڪري.

ٻين حياتياتي ميڪرو ماليڪيولن، جهڙوڪ پولي سيڪرائڊ ۽ نيوڪليئڪ ايسڊ وانگر، پروٽين جاندارن جا ضروري حصا آهن ۽ جيو گهرڙن جي اندر بالواسطه تقريبن هر عمل ۾ حصو وٺندا آهن. ڪيترائي پروٽين خمير (Enzymes) آهن. جيڪا بايو ڪيميڪل رد عمل کي متحرڪ ڪن ٿا ۽ ميٽابولزم لاءِ اهم آهن. ڪجهه پروٽينن ۾ ساختياتي يا ميڪنيڪل ڪم هوندا آهن. جهڙوڪ تاندورن ۾ ايڪٽن ۽ مايوسن ۽ سائٽوسڪيلٽن جا اسڪافولڊنگ پروٽين، جيڪا جيو گهرڙن جي شڪل کي برقرار رکندا آهن. ٻيا پروٽين جيو گهرڙن جي سگنلنگ، مدافعتي ردعمل، آسنجن ۽ چڪر ۾ اهم آهن. جانورن ۾ ضروري امائنو ايسڊ، جيڪا (synthesised) نه ٿي سگهندا آهن، مهيا ڪرڻ لاءِ غذا ۾ پروٽين جي ضرورت هوندي آهي. هاضمي جو عمل پروٽين کي ميٽابولڪ استعمال لاء توڙي ٿو.

تاريخ ۽ اشتقاق

[سنواريو]

درجه بندي

[سنواريو]

بايو ڪيمسٽري

[سنواريو]

ڪيميائي ترڪيب

[سنواريو]

جوڙجڪ

[سنواريو]

ساخت

[سنواريو]

سيلولر ڪم

[سنواريو]

مطالعي جا طريقا

[سنواريو]

مڪينيڪل خاصيتون

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]
  • ڊيپروٽينيشن
  • ڊي اين اي-بائنڊنگ پروٽين
  • ميڪروموليڪيول
  • پروٽين سان لاڳاپيل مضمونن جو انڊيڪس
  • انٽين
  • پروٽين جي فهرست
  • پروٽيوپيٿي
  • پروٽيوپيڊيا
  • پروٽين جي ترتيب جي جاءِ
  • پروٽين جي زهريت
  • پروٽين جي سپر فيملي
  • پروٽين ارتقا

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

Databases and projects

[سنواريو]

Tutorials and educational websites

[سنواريو]

سانچو:Gene expression سانچو:Protein topics سانچو:Protein methods سانچو:Food chemistry سانچو:Metabolism

حوالا

[سنواريو]