پروين موسيٰ ميمڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ ضلعي ٿر پارڪر جي ڏيپلي شهر ۾ 1958ع ۾ پيدا ٿئي. سندس والد سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رونيو کاتي ۾ مختيارڪار ٿي رهيو. پيء جي بدليء سانگي سندس پرائمري تعليم سنڌ جي مختلف شهرن ڏيپلي، مٺي، ماتلي، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ ٿي.1973ع ۾ ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ ۽1975ع ۾ انٽرميڊيٽ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ پرائمري استاد طور مختلف سرڪاري اسڪولن ۾ مقرر رهي. 1983ع ۾ ايم اي انگريزي ادب ۾ ۽ 1988ع ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾ پاس ڪيائين.

سندس ننڍپڻ کان ئي ادب طرف لاڙو هيو. ادبي زندگيءَ ۾ سندس پهرين ڪهاڻين "چري" جي عنوان سان شايع ٿي. ٻيو "ماء جو دلاسو" (خليل جبران جي ڪهاڻين جو ترجمو) شايع ٿيا. ته سندس لاڙو تحقيق جي موضوع طرف مڙي ويو.[1]

هن وقت تائين سندس هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.

"وکر سو وهاء" (ڪالم /مضمون)[2]

"سون ورنيون سوڍيون" (مرتب)[3]

"آٿي رائو ريل" (لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق)[4]

"پلئہ پايو سچ" (لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق)[5]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-05-21. 
  2. "سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2019-05-21. 
  3. "سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2019-05-21. 
  4. "سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2019-05-21. 
  5. "سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2019-05-21.