مواد ڏانھن هلو

پروسٽئٽٽس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پروسٽئٽٽس
Prostatitis
Synonyms پروسٽئٽوسس
Prostatosis
مائڪروگراف،پروسٽئٽٽس واري حالت، پروسٽئٽ غدود جي سوجن کي ڏيکاريندي. تصوير جي کاٻي طرف هڪ نارمل پروسٽئٽ غدود (بغير سوجن وارو) ڏيکاريل آهي.
مھارت يورولاجي

پروسٽئٽٽس (Prostatitis) هڪ ڦهليل اصطلاح، جيڪي مختلف طبي حالتن لاءِ استعمال ٿيندي آهي، جنهن ۾ سٿر واري علائقي (Palvic Region) ۾ بيڪٽيريائي ۽ يا غير بيڪٽيريائي اصل واري بيماريون شامل آهن. لفظ جي سادي معنيٰ جي ابتڙ (جنهن جو مطلب آهي "پروسٽيٽ جي سوزش")، تشخيص ۾ ضروري نه آهي ته سوزش به شامل هجن گهرجي. پروسٽئٽٽس جي بيماري کي چار حصن، تيز، دائمي، غير علامتي سوزش واري پروسٽئٽٽس ۽ پيلوڪ جي دائمي درد واري سنڊرم ۾ درجه بندي ڪيو ويو آهي.

آمريڪا ۾ مردن جي يورولوجسٽ جي دورن جي دوران ڪل مريضن جي 8 سيڪڙو ۾ ۽ مردن جي جينيٽو يورينري علامتن لاءِ سڀني پرائمري ڪيئر فزيشن جي دورن مان هڪ سيڪڙو ۾ پروسٽئٽٽس جي تشخيص ٿيندي آهي.[1]

درجه بندي

[سنواريو]

اصطلاح پروسٽئٽٽس پروسٽيٽ غدود (خصين) جي بافتن جي سوزش ڏانهن اشارو ڪري ٿي. اها ڪنهن سوزش جي مناسب طبعي ردعمل جي طور تي ٿي سگهي ٿي، ڪنهن سوزش جي غير موجودگي ۾ پڻ ٿي سگهي ٿي يا پروسٽيٽ ۾ ڪا به سوزش جي بغير پڻ ٿي سگهي ٿي.[2]

1999ع ۾، آمريڪا جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (NIH) هڪ نئون درجه بندي سسٽم ٺاهيو.[3] [4] پروسٽيٽائٽس جي الڳ الڳ قسمن لاء مخصوص تفصيل (علامتن جي معلومات، علاج ۽ پروگنوسس بابت معلومات سميت) لاء لنڪ، Prostatitis Self Assessment Calculator تي وڃون.

ڪيٽيگري موجوده نالو پراڻو نالو درد بيڪٽيريا اڇو رت وضاحت
I تيز پروسٽيٽائٽس تيز بيڪٽيريل پروسٽيٽائٽس ها ها ها پروسٽيٽ غدود جو بيڪٽيريل انفيڪشن جنهن کي فوري طبي علاج جي ضرورت آهي.
II دائمي بيڪٽيريل پروسٽيٽائٽس دائمي بيڪٽيريل پروسٽيٽائٽس ± ها ها هڪ نسبتاً نادر حالت جيڪا عام طور تي وقفي وقفي سان پيشاب جي رستي جي انفيڪشن جي طور تي پيش اچي ٿي.
IIIa سوزش واري دائمي پروسٽيٽائٽس/سي پي پي ايس غير بيڪٽيريل پروسٽيٽائٽس ها نه ها پروسٽيٽائٽس جي تشخيص جو 90-95 سيڪڙي سبب بڻجي ٿو. اڳ ۾، دائمي غير بيڪٽيريل پروسٽيٽائٽس جي نالي سان سڃاتو ويندو هو.[5]
IIIb غير سوزشي سي پي/سي پي پي ايس پروٽئسٽوڊائنيا ها نه نه
IV غير علامتي سوزش واري پروسٽيٽائٽس ڪوبه ناهي نه نه ها جينيٽو يورينري درد جي شڪايتن جي ڪا تاريخ ناهي. پر ليوڪوائيٽوسس نوٽ ڪيو ويندو آهي. عام طور تي ٻين حالتن جي تشخيص دوران. 6 کان 19 سيڪڙي مردن جي مني ۾ پيپ جا سيل هوندا آهن پر ڪابه علامت نه هوندي آهي.[6]

سال 1968ع ۾، ميئرز ۽ اسٽامي بيڪٽيريا جي ڪلچرنگ جي بنياد تي هڪ درجه بندي ٽيڪنڪ جو تعين ڪيو.[7] هي درجه بندي هاڻي استعمال نه ڪئي ويندي آهي.

حالتون درد جي مختلف احساسن، پيشاب ۾ اڇي رت جي گهرڙن، علامتن جي دورانيو ۽ پيشاب مان ڪلچر ٿيل بيڪٽيريا جي ذريعي، پروسٽيٽ رطوبتن کي ظاهر ڪرڻ ۾ مدد لاءِ جنهن ۾ رت جا اڇا گهرڙا (WBC) ۽ بيڪٽيريا شامل ٿي سگهن ٿا، فرق ڪيون وينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن پروسٽيٽ مساج واري طريقي کي به استعمال ڪيو ويندو آهي.[8]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "How common is prostatitis? A national survey of physician visits". J. Urol. 159 (4): 1224–8. 1998. doi:10.1016/S0022-5347(01)63564-X. PMID 9507840. 
  2. Kirby, Roger; Carson, Culley C. (January–February 2015). "Editor's Comment on Diagnosis and treatment of chronic prostatitis/chronic pelvic pain syndrome". Trends in Urology and Men's Health 6 (1): 17. doi:10.1002/tre.434. 
  3. "NIH consensus definition and classification of prostatitis". JAMA 282 (3): 236–7. July 1999. doi:10.1001/jama.282.3.236. PMID 10422990. 
  4. J. Curtis Nickel (1999). Textbook of prostatitis. Taylor & Francis. pp. 27–. ISBN 978-1-901865-04-2. https://books.google.com/books?id=YiZz_xDk7rkC&pg=PA27. Retrieved 18 April 2010. 
  5. "Prostatitis/chronic pelvic pain syndrome". Annu. Rev. Med. 57: 195–206. 2006. doi:10.1146/annurev.med.57.011205.135654. PMID 16409145. 
  6. "Prevalence of asymptomatic inflammatory (National Institutes of Health Category IV) prostatitis in young men according to semen analysis". Urology 71 (6): 1010–5. June 2008. doi:10.1016/j.urology.2007.12.082. PMID 18455767. 
  7. "Bacteriologic localization patterns in bacterial prostatitis and urethritis". Invest Urol 5 (5): 492–518. March 1968. PMID 4870505. 
  8. "Prostatitis: Benign Prostate Disease: Merck Manual Professional", اصل کان 25 سيپٽمبر 2011 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 11 جولاءِ 2011۔