مواد ڏانھن هلو

پرشن پوئيٽس آف سنڌ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانچو:ڪتاب پرشن پوئيٽس آف سنڌ-----PERSIAN POETS OF SINDH ھڪ ڪتاب جو نالو آهي. جنھن جو ليکڪ آهي ڊاڪٽر هرومل ايسرداس سدارنگاڻي. ڪتاب جي سائيز ڊيمي ۽ صفحا 366 آھن.ناشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 1987ع.

ڊاڪٽر هرومل ايسرداس سدارنگاڻي هند، سنڌي ۽ ايران تائين، فارسي علم- ادب جي هڪ پارکو ۽ استاد جي حيثيت ۾ وڏي عزت ۽ توقير جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. شاهه لطيف جي شعر ۽ سوانح سان کيس خاص انس آهي. ان کان علاوه سنڌي شاعر جي حيثيت سان پڻ اسان جي ادبي تاريخ ۾ ڊاڪٽر صاحب جو منفرد مقام آهي. تبصري هيٺ آيل ڪتاب ”پرشين پوئيٽس آف سنڌ“ يعين ”سنڌ جا فارسي گو شاعر“- اصل ۾ هڪ تحقيقي ٿيسز هو، جنهن تي بمبئي يونيورسٽي سال 1946ع ۾، فاضل مصنف کي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني هئي. ان وقت سدارنگاڻي صاحب ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ فارسي شعبي جو استاد هو ۽ پاڻ هي تحقيقي ڪم ساڳئي ڪاليج جي پروفيسر ۽ عالم آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ پورو ڪيائون. پاڪستان ٺهڻ بعد سدارنگاڻي صاحب دهلي يونيورسٽيءَ سان وابسته ٿي ويو. ان دوران تهران يونيورسٽي وڌيڪ مطالعي لاءِ، ڊاڪٽر صاحب کي موقعو ڏنو، جتي رهي پاڻ فارسي زبان ۾ ”پارسي گويان هند و سن“ نالي هڪ ڪتاب تيار ڪيائون. هي ڪتاب ايران ۾ شايع ٿي چڪو آهي. پهرين مئي 1986ع تي عزيز دوست نفيس احمد ناشاد جي گهر، ٻن پهرن جي کاڌي تي ڊاڪٽر سدارنگاڻي صاحب سان سٺي ملاقات ٿي. ان موقعي تي مون ”پارسي گويان هند وسند“ جي ڪيفت معلوم ڪرڻ گهريو، تڏهن پاڻ چيائون ته سواءِ جزوي ڦيرڦار جي اهو ڪتاب ”پرشين پوئيٽس آف سنڌ“ جو فارسي الٿو آهي. تبصري هيٺ آيل ڪتاب پهريائين سال 1956ع ۾ ڇپيو هو. سنڌي ادبي بورڊ ايڪٽيهن سالن بعد، ساڳئي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو وڏي اهتمام سان 1987ع ۾ شايع ڪيو آهي. ڪتاب جو متن پنجن بابن تي مشتمل آهي. پهريون باب سمن بادشاهن تائين مطالعو ڏئي ٿو. ٻيو باب ارغون، ترخان ۽ مغل دور تي مشتمل آهي. ٽيون باب ڪلهوڙا دور بابت آهي. چوٿون باب ٽالپرن ۽ پنجون باب برطانوي زماني تي محيط آهي. هر باب جي شروعات ۾ مذڪوره دور جي سياسي جائزي وٺڻ سان گڏ فاضل مصنف ثقافتي ۽ ساهتي صورتحال جو پڻ ڀرپور جائزو ورتو آهي. بادشاهن، حاڪمن ۽ اميرن طرفان فارسي ادب جي واڌاري ۾ ورتل دلچسپي پڻ چٽي ڪئي وئي آهي. هر شاعر جي سرسري سوانحي خاڪي ڏيڻ بعد، سندس شعر مان اقتباس ڏئي، ان جو انگريزي ۾ مفهوم پڻ ڏنو ويو آهي. سدارنگاڻي صاحب هڪ نقاد ۽ پارکو عالم هجڻ جي ناتي سان، اهو پڻ چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته ڪهڙي شاعر تي هندي يا ايراني شاعر جو ڪيترو اثر پيو آهي؟ ڪتاب جي آخر ۾ 26 صفحن جي ببليوگرافي ۽ انڊيسڪ سبه شامل ڪيل آهي.

ڊاڪٽر هرومل صاحب هي تحقيقي ڪتاب تڏهن تيار ڪيو هو، جڏهن سنڌ بابت سنجيده اڀياس اڃا مس شروع ٿيو هو. ان بعد پاڪستان ٺهيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ پوري آب و تاب سان تحقيق ۽ اشاعت طرف وک وڌائي. اداري جي ابتدائي شاعتن مان ”پرشين پوئٽس آف سنڌ“ به هڪ ڪتاب هو، جيڪو ڪارٽيج پيپر تي پڌرو ٿيو هو. هن ڪتاب جي اشاعت علمي ۽ ادبي دنيا لاءِ معلومات، ڄاڻ ۽ تحقيق جا نت نوان نقطا ۽ پهلو پيدا ڪيا. يورپ، ايران، هندستان ۽ پاڪستان ۾ جتي ايراني ۽ فارسي ادب جو اڀياس ٿيو، اتي هن ڪتاب جو هجڻ ضروري سمجھيو ويو. قديم فارسي تذڪرن، تاريخي ماخذن ۽ بياضن جي ايڊيٽنگ کان ڪري جديد کوجنا ۽ تحقيق تائين- عالمن ۽ محققن ڊاڪٽر سدارنگاڻي صاحب جي ”پرشين پوئٽس آف سنڌ“ کان مدد وٺڻ ضروري سمجھي. سنڌي ادبي بورڊ، شاهه ولي الله اڪيڊمي، مرڪزي تحقيقات فارسي اسلام آباد، ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، اقبال اڪيڊمي لاهور، پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي، اداره تاريخ ادبيت مسلمانان پاڪ و هند لاهور، تهران يونيورسٽي ۽ اداره تحقيقات علوم آساي ميانه وغربي دانسگاهه ڪراچيءَ جي عالمن جهڙوڪ: مرحوم سيد حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر علي رضا نقوي، اعجاز الحق قدوسي، ڊاڪٽر رياض الاسلام، ڊاڪٽر معين الحق، ڪرنل خواجه عبدالرشيد ۽ ڊاڪٽر ظهور الدين احمد- تبصري هيٺ آيل ڪتاب کي وڏي وقعت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو آهي ۽ پنهنجي علمي ڪم دورنا، ان کي آڏو رکڻ ضروري سمجھيو. هن ڪتاب جي تياري ۽ اشاعت بعد، سنڌ جي فارسي علم ۽ ادب بابت، سنڌي ادبي بورڊ نمايان ڪم ڪيو آهي. ڪيترائي ديوان، ڪليات ۽ قصيدا جديد ايڊيٽنگ جي زيور سان آراسته ڪري شايع ڪيا ويا آهن. متعدد تاريخي ماخذ پڻ مفيد حاشين، مقدمن ۽ تحقيقات سان ڇپيا ويا آهن. ڊاڪٽر معين الحق، فريد بکريءَ جو ”ذخيرة الخوانين“ شايع ڪري چڪو آهي. سدارنگاڻي صاحب- مقالات الشعرا- ڪرن بابت پڻ هاڻي ڪافي نئين ڄاڻ ملي آهي ۽ انهن مان اڪثر ڇپجي علمي دنيا ۾ پنهنجي جاءِ پيدا ڪري چڪا آهن. بهرحال جڏهن ڊاڪٽر سدارنگاڻي هي ڪتاب تيار ڪيو، ان جي ڀيٽ ۾ اڄ سنڌ جي فارسي شعر توڙِ نشر بابت ڏهه ڀيرا وڌيڪ معلومات مهيا ٿي چڪي آهي. ان جي باوجود به ”پرشين پوئٽس آف سنڌ“ سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ جو هڪ مثالي ماخذ آهي ۽ ان جي افاديت ورهين تائين برقرار رهندي. لائق مصنف جي زندهه هوندي، هن ڪتاب جو ٻيون ايڊيشن ظاهر ٿيو آهي، ان ڪري بهتري ٿئي ها، جيڪڏهن پاڻ ان ۾ ڪجهه اهم درستيون ۽ سڌارا، نت نئين مليل ڄاڻ جي روشني ۾ ڪن ها.

سنڌي ادبي بورڊ جا ميمبر ۽ اهلڪار، هن بيش بها ڪتاب جي دوباره اشاعت تي مبارڪباد جا مستحق آهن. سنڌي جي فارسي نثر بابت ڪجهه ورهيه اڳ، محترم ڊاڪٽر گل حسن لغاري هڪ تحقيقي مقالو تيار ڪيو هو. هن مقالي جي تياريءَ تي لغاري صاحب کي سنڌ يونيورسٽي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني هئي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. تبصرا: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو