پراڻ ڍورو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پُراڻ ڍورو(انگريزي: Puran Dhoro ): پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ميرپورخاص ۾ واقع پاڻي جو ھڪ ڍورو آھي. ادريس راجپوت لکيو آهي ته: هي ڍورو جهلوري، ميرپورخاص وٽان شروع ٿئي ٿو ۽ مير واهه گورچاڻي، ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، جهڏو اسٽيشن، نئون ڪوٽ، پنگريو، ڪلوئي کان ٿيندو نيٺ شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ميرپورخاص مين ڊرين اِن ڍوري سان گڏ هلي 297 آر ڊي تي اسپائنل ڊرين ۾ ڪري ٿي، اتان اسپائنل ڊرين ڍورو پراڻ کان پري ٿي وڃي ٿي، پر ڪيترن هنڌن تي ان کي ڪٽي ٿي. 159 آر ڊي تي ريگيوليٽر اسپائنل ڊرين ۾ ايندڙ پاڻي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. هڪڙي پاسي ڪي پي او ڊي آهي ته ٻئي پاسي ڊي پي او ڊي آهي. KPOD بروقت پاڻي شاهه سمندو کوري پاسي هليو وڃي ٿو ۽ DPOD معرفت شڪور ڍنڍ ۾ هليو وڃي ٿو[1].

حوالا[سنواريو]

  1. https://sindhsalamat.com/threads/16474/.  Missing or empty |title= (مدد){ ڇا سنڌ ۾ پاڻي جا فطري لنگھ بحال ٿي سگھندا؟ از : ادريس راجپوت}