پراڪسيلا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پراڪسيلا (انگريزي: Praxilla of Sicyon) ۾ پنجين صدي قبل مسيح جي ھڪ يوناني شاعره جو نالو آهي [1]سندس تعلق يونان جي شھر سسيان(انگريزي: Sicyon) سان ھو جيڪو ڪورنٿ واري نار تي واقع آهي[2][3] ھن شعر جي بحر جي ھڪ صنف ايجاد ڪئي جنھن کي سندس نالي سان منصوب ڪري پراڪسيليئين سڏيو ويندو آهي. شراب سڻدس شاعري جو مرڪزي موضوع ھيو تنھنڪري ھن جي شاعري شراب جي محفلن يا جشن وارين دعوتن ۾ ڳاتي ويندي هئي [3]ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي تہ:سسيان جي شاعر پراڪسيلا ”ڊورين يوناني سماج“ جي پيداوار هئي جتي عورتن کي ايٿنس کان وڌيڪ آزادي هئي. هن جا ڪيترن قسمن جا شعر لکيل هئا پر گهڻا محفوظ نه رهي سگهيا. سندس شاعريءَ مان ڪجهه سٽون هڪ چوڻيءَ طور مشهور آهن جن مان هڪ آهي ”پراڪسيلا جي اڊونس کان به بدتر...“ معنيٰ ته شاعري ڪيئن هجي يا ڪيئن نه هجي ان لاءِ اهو جملو استعمال ٿيندو هو، جيڪو ادبي ماڻهن وٽ مروج هو.
[4]

پراڪسيلا جي شاعري[سنواريو]

پراڪسيلا جي شاعري اڪثر ڪجهه ٽڪرن ۾ محفوظ ٿيل آهي . ڊاڪٽر فهميده حسين ڪجهه شعرن جو سنڌي ۾ ترجمو ھيٺين ريت ڪيو آهي
[4]

”اڊونس“ (مان هڪ ٽڪرو)

— اڊونس، مرندي؛

”پنهنجي پويان جيڪي ڇڏي وڃان ٿي
تنهن ۾ منهنجو ”سج“ پاڻ به آهي
ان کان سواءِ ڪيترا ٽمڪندڙ ”تارا“ آهن
۽ امڙ ”چنڊ“ جو سهڻو چهرو آهي
۽ سڀ سوادي مندائتا ميوا
صوف، ناسپاتيون ۽ ونگا
سڀ هت ڇڏيو ٿي وڃان.“

ڌيان ڪر منهنجي پياري
هر هڪ پٿر هيٺان
هت هڪ وڇون ويٺل آهي

دريءَ مان مون ڏانهن نهاريندڙ
اي پياري سهڻي نينگر
ڪنوار جي سندر روپ ۾

تنهنجو منهن لڳي ٿو ڪيڏو پوتر!
، (پراڪسيلا جي شاعري مان ورتل)

حوالا[سنواريو]

  1. Eusebius Chronicle Ol. 82.2 (p. 112 Helm, ii 105 Schöne
  2. Athenaeus, Scholars at Dinner 15.694a (iii 535 Kaibel)
  3. 3.0 3.1 Plant, I.M. Women Writers of Ancient Greece and Rome. Oklahoma: University of Oklahoma Press, 2004 pp 53-54.
  4. 4.0 4.1 [1][مئل ڳنڍڻو] (ڪتاب:دنيا جون شاعر عورتون؛. ليکڪ : ڊاڪٽر فهميده حسين )