مواد ڏانھن هلو

پاڻ (فلسفو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فلسفي ۾، پاڻ، خود يا ذات (Self) هڪ فرد جي پنهنجي وجود، علم ۽ قدرن، ۽ انهن خاصيتن جي پاڻ ۾ لاڳاپي کي چيو ويندو آهي۔

پهريون-شخصي نقطه نظر، پاڻ جي وجود کي شخصي سڃاڻپ کان الڳ ڪري ٿو۔ جڏهن ته “سڃاڻپ” لفظي معنيٰ ۾ هڪجهڙائي آهي[1] ۽ ان ۾ درجي بندي ۽ ليبل لڳائڻ شامل ٿي سگهي ٿو،[2] پر “پاڻ هجڻ” هڪ پهريون-شخصي تجربو ظاهر ڪري ٿو ۽ ان ۾ منفرد هجڻ جو امڪان به شامل آهي۔ ان جي ابتڙ، “شخص” لفظ ٽئين-شخصي حوالي سان استعمال ٿيندو آهي۔ شخصي سڃاڻپ کي آخري مرحلي جي الزائمر بيماري ۽ ٻين نيوروڊي جنريٽو بيمارين ۾ نقصان پهچي سگهي ٿو۔ آخرڪار، “پاڻ” کي “ٻين” کان الڳ سمجهيو ويندو آهي۔ “پاڻ ۽ ٻيو” جو فرق جديد فلسفو، مظاهريات، نفسيات، نفسي طب، اعصابي علم ۽ نيوروسائنس ۾ تحقيق جو موضوع آهي۔ جيتوڻيڪ ذاتي تجربو پاڻ جي تصور ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو، پر ان جي رازداري پاڻ جي فلسفي ۽ شعور جي سائنسي اڀياس ۾ هڪ اهم مسئلو آهي۔

ذات ۽ ذات سان لاڳاپيل پهلو

پاڻ ياذات انسان جي مختلف مظھرن جي تجربي جو نتيجو آهي، جيڪي سندس ادراڪ، جذبات ۽ خيالن کي ترتيب ڏين ٿا۔[3][4][5] ۽ ذات مڪمل طور نفس کان مختلف آهي۔ ان جو مطلب اهو آهي ته انسان جا خيال، احساس ۽ پنهنجي باري ۾ ادراڪ ئي سندس ذات آهن۔ هن ئي تصور مان تطوير الذات (ذاتي ترقي) ۽ إدارة الذات (ذاتي انتظام) جهڙا علم پيدا ٿيا آهن۔

فرد جي ثقافتي ماحول ۽ زندگيءَ جي تجربن جو مجموعو سندس شخصيت يا ٻين لفظن ۾ سڃاڻپ جي تعمير تي وڏو اثر وجهي ٿو۔ ٻار ننڍپڻ کان ئي پنهنجي چوڌاري اهم ماڻهن جي نقل ڪندي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ شروع ڪري ٿو۔ هڪ ئي وقت هو پنهنجي ماءُ، پيءُ، ڀاءُ يا استاد جهڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر اهو ملاپ گهڻ رخا ۽ ٽڪرا ٽڪرا شخصيت پيدا ڪري ٿو، جنهن ۾ مختلف ڪردار شامل هوندا آهن۔

جڏهن ته نوجوان، ڇاڪاڻ⁠تہ سندس زندگيءَ جا تجربا اڃا محدود هوندا آهن، ان ڪري هو غير يقيني ۽ تذبذب جو شڪار هوندو آهي، جڏهن هو پنهنجي ذات جي سڃاڻپ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔ ان ڪري هو هڪ ئي وقت ۾ متضاد ڪردار ادا ڪندو نظر اچي ٿو، جيئن: آزاد ۽ ساڳئي وقت ٻين تي ڀاڙيندڙ؛ بهادر ۽ ڊڄندڙ؛ چئلينج ڪندڙ ۽ فرمانبردار؛ سنجيده ۽ بي پرواهه. آخرڪار، هن کي هن ٻٽي ڪردار مان نڪرڻو پوندو ۽ ٻين جي نقل ٿيڻ يا مختلف ڪردارن جي وچ ۾ جهولڻ ڇڏي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهڻي پوندي، ته جيئن هو هن عبوري مرحلي مان اڳتي وڌي سگهي۔ فرد جي پنهنجي باري ۾ سوچ منفرد هوندي آهي، پر اها ماحولياتي ۽ سماجي حالتن ۽ ٻين ماڻهن جي راءِ سان تبديل به ٿي سگهي ٿي۔ انسان ڪڏهن پنهنجي ذات کي مثبت انداز ۾ ڏسي ٿو ۽ ڪڏهن منفي انداز ۾، پر عام طور تي سندس پنهنجي باري ۾ هڪ نسبتاََ مستحڪم تصور هوندو آهي۔ پاڻ يا ذات هڪ ذاتي ڄاڻ آهي؛ هر انسان پنهنجي ذات/پاڻ کي سڃاڻي سگهي ٿو، جيڪڏهن هو منطق سان ايماندار هجي۔

نفسيات

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو پاڻ جي نفسيات

پاڻ جي نفسيات، انسان جي سڃاڻپ جي علمي ۽ احساسي نمائندگي يا تجرباتي شعور جي موضوع جو مطالعو آهي۔ جديد نفسيات ۾ پاڻ جي شروعاتي وضاحت ٻن حصن “مان” ۽ “مون” ۾ ڪئي وئي۔ “مان” اهو موضوع آهي جيڪو ڄاڻي ٿو، جڏهن ته “مون” اهو آهي جيڪو ڄاتو وڃي ٿو۔[6] جديد نظرين موجب، پاڻ انسان جي تحريڪ، سوچ، احساس ۽ سماجي سڃاڻپ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو۔[7]

جان لاڪ جي خيالن مطابق، پاڻ کي يادگيري جو نتيجو سمجهيو ويو آهي، پر اهڙن ماڻهن تي تحقيق، جن کي وسارڻ جي بيماري آهي، ڏيکاري ٿي ته انهن وٽ به پاڻ جو هڪ مربوط احساس هوندو آهي، جيڪو تصوراتي ذاتي ڄاڻ تي ٻڌل هوندو آهي۔[8][9] تنهن ڪري، پاڻ جي علمي ۽ احساسي تجربن کي دماغي عملن سان ڳنڍي سگهجي ٿو۔ ڪارل جنگ مطابق، “پاڻ صرف مرڪز نه پر هڪ مڪمل دائرو آهي جيڪو شعوري ۽ لاشعوري ٻنهي کي شامل ڪري ٿو”۔[10] جنگي نفسيات ۾ پاڻ کي مڪملتا جو نمونو ۽ نفسي نظام جو مرڪز سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو انا کان مٿانهون آهي۔[11] ٻئي طرف، هينز ڪوهوٽ جي پاڻ-نفسيات، نفسي علاج جو هڪ طريقو آهي جيڪو فرد جي تجربي جي موضوعيت تي ڌيان ڏئي ٿو، جنهن کي “پاڻ” جي نفسياتي ڍانچي وسيلي سمجهيو ويندو آهي۔[12]

نفسي طب

[سنواريو]

“پاڻ جون خرابيون” نفسي ماهرن پاران وڏي پيماني تي اڀياس ڪيون ويون آهن۔[13] مثال طور، شيزوفرينيا ۾ ماڻهو کي پنهنجو پاڻ الڳ محسوس ٿي سگهي ٿو۔

اعصابي علم

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو پاڻ جو اعصابي بنياد

دماغ جا ڪجهه حصا، جهڙوڪ ميڊيل پري فرنٽل ڪارٽيڪس ۽ پوسٽيريئر پيريٽل ڪارٽيڪس، پاڻ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا۔[14]

سماجيات

[سنواريو]

ثقافت، تاريخي خيالن ۽ سماجي عملن جو مجموعو آهي، جيڪو فرد جي پاڻ جي تشڪيل تي اثر انداز ٿئي ٿو۔ مختلف ثقافتن ۾ ماڻهو پاڻ کي مختلف نمونن سان سمجهن ٿا۔[15]

هيزل مارڪس ۽ شينوبو ڪيتاياما جي نظريي مطابق، پاڻ جي نمائندگي “آزاد” ۽ “باهمي” صورتن جي وچ ۾ ٿيندي آهي۔[16]

فلسفو

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو پاڻ جو فلسفو

پاڻ جو فلسفو انهن خاصيتن کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جيڪي ڪنهن فرد جي انفراديت کي ظاهر ڪن ٿيون۔ ريني ڊيڪارٽ جي فڪر ۾ پاڻ کي خاص اهميت حاصل آهي۔[17] جڏهن ته ايمانوئل ليويناس ۽ مارٽن بوبر “مان” ۽ “تون” جي فرق تي وڌيڪ وضاحت ڪئي آهي۔

ٻڌ مت ۾ “انَتّا” جو تصور ٻڌائي ٿو ته ڪو به مستقل پاڻ موجود ناهي، جڏهن ته هندو فلسفي ۾ آتما کي دائمي شعور سمجهيو وڃي ٿو۔

  1. Shoemaker, D. (2015) "Personal Identity and Ethics"
  2. ريان ڪريگن، ديبرا ڪريگن (2006). سوشيالاجي جو تعارف.
  3. سانچو:استشهاد بدورية محكمة
  4. "Personal Identity and Ethics", section "Contemporary Accounts of Personal Identity", The Stanford Encyclopedia of Philosophy (Spring 2016 Edition), ed. Edward N. Zalta. آرڪائيو ڪيا ويا 20 September 2018[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  5. سانچو:استشهاد ويب
  6. جيمز، وليم (1890) نفسيات جا اصول
  7. Sedikides & Spencer (2007)
  8. Conway (2000)
  9. Rathbone (2009)
  10. Jung, CW 12
  11. Jung (1951)
  12. Wolf (2002)
  13. Berrios & Marková (2003)
  14. Pfeifer (2007)
  15. Kanagawa et al. (2001)
  16. Markus & Kitayama (1991)
  17. Lesley Cohen Spear (1979)