مواد ڏانھن هلو

پاڪستان جون ضلعي عدالتون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستان جون ضلعي عدالتون: (انگريزي: District Judiciary of Pakistan): پاڪستان جي اندر ھر صوبي جي ھاء ڪورٽ جي نگراني ۾ ضلعي عدالتون ڪم ڪنديون آھن جيڪي سول ۽ فوجداري مقدما ٻڌنديون آھن. ھر ضلعي جي عدالتن جو انتظامي نگران ضلعي جو ڊسٽرڪٽ ۽ سيشنس جج ھوندو آھي جنھن جي مدد ۾ ھيٺين عدالتن مان داخل ٿيندڙ اپيلون ۽ شيشن ڪيس ، سول جا نيگوشيئيبل انسٽرومينٽس ايڪٽ تحت سمري مقدما ، وراثت جا ڪيس وغيره ٻڌڻ لاء ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽون پڻ ھونديون آھن جيڪي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي ڪورٽ جون مددگار ھونديون آھن. ان کان پوءِ سينئر سول جج اينڊ اسٽنٽ سيشنس جج جو ڪورٽون ھونديون آھن جن۾ فرسٽ ڪلاس ۽ سيڪنڊ ڪلاس سول مقدما ۽ موت۽ عمرقيد جي سزا کان علاوه ڏوھن جا ڪيس ٻڌڻ جون مجاز ھونديون آھن.ان کان پوء سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ جون ڪورٽون آھن جيڪي ٿرڊ ڪلاس سول مقدما (جيڪي 50000 روپين جي ماليت جي تڪرار وارا ڪيس ھوندا آھن) ۽ ٽي سال قيد تائين سزا وارن ڏوھن جا ڪيس ٻڌنديون آھن. جوڊيشل ماجسٽريٽ پوليس جي انغاف جي فراهمي وارن قانوني ڪمن جي نگراني به ڪندا آھن.انھن کي ايف آء آر ڪينسل ڪرڻ، ٻيھر جاچ ڪرائڻ، قبرڪشائي ڪرائي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ، تفتيش دوران شاھدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جا بہ اختيار ھوندا آھن. پنجاب ۾ سول جج کي فرسٽ، سيڪنڊ ۽ ٿرڊ ڪلاس مقدما ٻڌڻ جو اختيار ھوندو آھي ۽ ھر ضلعي ۾ صرف ھڪ سينيئر سول جج ھوندو آھي جنھن وٽ مقدما داخل ٿي سول ججن ڏي منتقل ٿيندا آھن ۽ پوري ضلعي جي نظارت جو بہ اھو نگران ھوندو آھي. ضلعي عدالتن ۾ ڊسٽرڪٽ جج ۽ سيشنس جج جي ڪيسن ۾ فيصلن خلاف اپيلون ھاء ڪورٽ ٻڌندي آھي.

سانچو:پاکستان کی سیاست