پارڪ
ڏيک

پارڪ عوام جي تفريح لاءِ ھڪ جڳھ کي چيو ويندو آھي جتي ماڻهو فارغ وقت گذارڻ ويندا آھي. ماڻهن جي طبيعت خوشگوار ڪرڻ لاءِ پارڪ ۾ مختلف گل، ٻوٽا ۽ وڻ لڳايا ويندا آھن ۽ پاڻيءَ جا ھٿرادو واھ ۽ تلاءَ پڻ تعمير ڪيا ويندا آھن. ڪيترن ئي پارڪن ۾ ٻارن جي راند کيڏڻ لاءِ ميدان ۽ جهولا بہ ھوندا آھن. جڏھن تہ وڏن جي لاءِ ورزش جي جڳھ ۽ سامان ۽ پنڌ ڪرڻ جي واٽ پڻ ھوندي آھي. اتي ويھڻ لاءِ بينچون بہ رکيل ھونديون آھن. پارڪن ۾ کاڌي پيتي جا اسٽال بہ لگل ھوندا آھن. ماڻھن جي سھولت لاءِ پارڪن ۾ پاڻي جا ڪولر، پائخانا بہ ٺھيل ھوندا آھن. گهڻي سھولت وارن پارڪن ۾ مطالعي ۽ عبادت جون جڳھون پڻ ڏنل ھونديون آھن.