پاربرهم ميلو
ڏيک
پاربرهم:(انگريزي: Parbirham fair ) ڏيپلي تعلقي ۾ شهر کان 6 ميل اتر الهندي طرف ’ويڙهي جهپ‘ جي ڳوٺ ۾ سڀڪنهن سال 5- ڄيٺ کان 20- ڄيٺ تائين 15 ڏينهن لڳندو آهي. هتي پارُو فقير (پاربرهم) جيئري سمانڌ ورتي هئي، جا اڄ تائين ٺهيل آهي. مٿان ڇت جوڙائڻ جي منع آهي. هتي پينگهون، ملاکڙا، تماشا ۽ طائفا ڪونه ٿين. هتي جاترين لاءِ ڀيل ڪچيون لانڍيون ٺاهيندا آهن. معمولي دڪان کلندا آهن، ڀڄن ڳائبا آهن. چانورن جون ديڳيون لاهي ورهائيندا آهن. برهمڻن لاءِ برهم ڀوڄ ٿئي. شام جو جاتري سمانڌ وٽ وڃي آرتي ڪن روٽ ورهائين[1].
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو