پئليئونٽالاجي
ڏيک

پئليئونٽالاجي (Palaeontology)، سائنس جي شاخ آهي، جيڪا تاريخ کان آڳاٽي دؤر جي حياتياتي نوعن، جيڪيون گھڻو ڪري نابود ٿي چڪيون آهن، جو مطالعو ڪري ٿي. ان علم جو مدار فاسل جي حياتياتي، ڪيميائي ۽ طبعياتي تيڪنڪن جي استعمال سان ھٿ ڪيل ڄاڻ جي تجزيي تي آھي.[1]
ھيء سائنس ارڙھين صديء ۾ جارجيس ڪوو وائر جي تقابلي اناٽومي ۾ ڪيل خدمتن جي نتيجي ۾ قائم ٿي، ۽ اوڻويھين صديءَ ۾ ان جو تيزيءَ سان فروغ ٿيو. انگريزيءَ جو ھي لفظ، پيليئونٽالاجي اصل ۾ يوناني ٻوليءَ جي ٽن لفظن؛ پيلائوس (palaios) جن جا معني پراڻو يا قديم آهي، آنٽوس (ontos) جن جو معني وجود يا مخلوق آهي ۽ لوگوس (logos) جن جو معني ڳالھه، خيال يا مطالعو آهي، سان نڪتل آهي.[2]

حوالا
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]