مواد ڏانھن هلو

ٽھلياڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽهلياڻي اصل ۾ لُهاڻا آهن ،جيڪي” ٺٽ “تعلقي نوشهري فيروز ۾ رهندا هئا .ٽهلياڻي لهاڻا 1812-1811ع ڌاري ڪڇ ،ڪاٺياواڙ ۽ راجپوتانا طرف پيل سخت ڏڪار کان متاثر ٿي ،ٻين ڪيترين ذاتين برهمڻن ،کترين ،ڀاٽين ۽ لهاڻن وانگر لڏي سنڌ آيا ۽ اچي ٺٽ ۾ رهيا .اتي زمينون خريد ڪري پوک ڪرڻ لڳا .ساهتي پرڳڻي ۾ ٽهلياڻين جون زمينون درياهه جي ڀرسان هيون ۽ سندن ويجهو” ٺٽ “جو ڳوٺ ڪافي اڳ آباد هو .ٺٽ ،درياهه جي تر وٽ ٻڌل ڳوٺڙي کي چئبو آهي ،جتان پتڻاڪري پار ٿبو آهي . 1855ع ڌاري درياهه جي ٻوڏ سبب ٺٽ،مٺياڻي ،تڳر ،ڪمال ديرو ۽ ٻيا درياهه جي ڀر وارا ڪيترا ڳوٺ ٻڏي ويا هئا ،انعلائقي جي زميندارن کي پنهنجي ٻنين کان پري رهڻ پسند نه آيو ،تنهنڪري وري ساڳئي هنڌ اهي ڳوٺ وري آباد ڪيائون .1858-1857ع ڌاري وري اهي سڀ ڳوٺدرياهه جي اٿل سبب ٻڏي ويا .سيٺ ٽهلئي مل جي مربي پٽ سيٺ لکومل جي پٽ سيٺ هوتچند ،نئين” ٺٽ “ٻڌي ،جيڪا سندس نالي پٺيان” ٺٽ هوتچند “سڏجڻ ۾ آئي .اهڙي ريت ميان ڀاوڻي ڳوراهي به ڌار ڳوٺ ٻڌو ،جيڪو” ٺٽ ڳوراهو “سڏيو ويو .چاليهه ورهيه سانده هي ٻئي” ٺيٽون “سلامت هيون ،پر 1890ع ڌاري آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ درياهه اهڙي دڙلائي ،جو ٻئي” ٺيٽون “ٻڏي ويون ،پر وري ساڳين نالن سان ٻئي ڳوٺ ته ٻڌا ويا پر ٽهلياڻن مان سيٺ ڀوڄراج وري ڌار ڳوٺ ٻڌرايو ،جيڪو” ٺٽ ڀوڄراج “مشهور ٿيو .ٺٽ ڳوراهو ۽ ٺٽ ڀوڄراج هڪ ٻئي کان سڏ پنڌ تي مٺياڻيءَ کان سوا ميل کن مفاصلي تي آهن .اهي ٽئي ٺيٽون ،1900ع ڌاري ٻڌيون هيون .مٺياڻي به ساڳئي وقت جي ٻڌل چئي وڃي ٿي .جڏهن 1922ع ۾ ٺارو شاهه کان سڪرنڊ تائين ريل جو رستوجاري ٿيو ته ٺارو شاهه کان پوءِ ٻياسٽيشن” ٺٽ هوتچند “ٿي. سيٺ ٽهليي مل جو اولاد ٽهلياڻي سڏيا ،انجو سئوٽ جوتومل کانس ننڍو هو ،انڪري سندس نسل وارا به پاڻ کي ٽهلياڻيسڏائيندا هئا .ٽهلياڻين مان پهريون ديوان تولارام هو ،جو حيدرآباد وڃي انگريزيپڙهيو ۽ مئٽرڪ پاس ڪري نوشهري فيروز جي انگريزي اسڪول ۾ ماستر ٿيو .بعد ۾ ماستري ڇڏي روينيو کاتي ۾ گهڙيو ۽ ترقي ڪري مختيارڪار ٿيو .هن پنهنجي ڳوٺ” ٺٽ ڀوڄراج “۾ هڪانگريزي اسڪول کولرايو ۽ مٺياڻيءَ جيانگريزي اسڪول جي واڌاري لاءِ مالي ۽ اخلاقي مدد ڪيائين ۽ پينشن بعد تپيداري ٽريننگ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو .هن جي ريس ۾ ٻيا ٽهلياڻي به پڙهيا ۽ اعليٰتعليم حاصل ڪري سٺن عهدن تي پهتا.[1]

حوالا

[سنواريو]

[2]

  1. "ٽهلياڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2021-08-22.
  2. "ٽهلياڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2021-08-22.