ٽيومين اوبلاسٽ

ٽيومين اوبلاست (Tyumen Oblast؛ روسي: Тюме́нская о́бласть، اچار: ٽيومينسڪايا اوبلاسٽ) روس جو هڪ وفاقي ماتحت اوبلاسٽ آهي.
اهو اولهائين سائبيريا ۾ واقع آهي ۽ انتظامي طور تي يورال وفاقي ضلعي جو حصو آهي. اوبلاسٽ کي ٻن خودمختيار اوڪرگن؛ خانتي-مانسي ۽ ياملو-نينيٽس خودمختيار اوڪرگ، تي انتظامي اختيار حاصل آهي. اوبلاسٽ، ان جي خودمختيار اوڪرگن سميت، علائقي جي لحاظ کان ٽيون نمبر وڏو وفاقي ماتحت آهي ۽ سال 2010ع جي آدمشماري موجب ان جي آبادي 33,95,755 هئي.[1]
تيومين شهر اوبلاسٽ جو سڀ کان وڏو شهر ۽ انتظامي مرڪز آهي ۽ سائبيريا ۾ پهريون آباد ڪيل روسي شهر آهي.
ٽيومين اوبلاسٽ ملڪ ۾ تيل ۽ قدرتي گئس جو سڀ کان وڏو پيدا ڪندڙ آهي ۽ سال 2000ع جي شروعات کان وٺي تيل جي صنعت جي عروج جو تجربو ڪيو آهي. اينڌن جي صنعت جي تيزيءَ سان واڌ ويجهه اوبلاسٽ کي روس جو امير ترين وفاقي ماتحت بڻائي ڇڏي آهي، جن جي سراسري GDP في ڪس 2006ع کان وٺي قومي سراسري کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Russian Federal State Statistics Service (2011). Всероссийская перепись населения 2010 года. Том 1 [2010 All-Russian Population Census, vol. 1]. Всероссийская перепись населения 2010 года [2010 All-Russia Population Census] (in Russian). Federal State Statistics Service.
{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (link) (The rank is given without the autonomous okrugs' populations; the population and percentages are given for the territory of the oblast with the autonomous okrugs) - ↑ "Валовой региональный продукт на душу населения". www.gks.ru. Retrieved March 22, 2018.