ٽينڪ

ٽينڪ (Tank) هڪ بڪتربند جنگي گاڏي آهي، جنهن جو مقصد زميني جنگ ۾ صفِ اول (front-line) جي جارحاڻي هٿيار طور استعمال ٿيڻ آهي. ٽينڪ جي ڊيزائن ۾ وڏي مار ڪندڙ طاقت (firepower), مضبوط بڪتر (Vehicle armour), ۽ جنگ جي ميدان ۾ حرڪت (mobility) جي وچ ۾ توازن رکيو ويندو آهي، جيڪو طاقتور انجڻ ۽ ٽريڪس جي ذريعي حاصل ڪيو ويندو آهي. هن جو بنيادي هٿيار اڪثر ڪري هڪ گهمندڙ برج (Gun turret|turret) ۾ نصب هوندو آهي. هي 20هين ۽ 21هين صدي جي جديد زميني فوجن جو اهم حصو ۽ گڏيل هٿيارن جي جنگ (combined arms combat) جو بنياد آهن.


جديد ٽينڪون ورسٽائل موبائيل زميني هٿيارن جا پليٽ فارم آهن، جن جو مکيه هٿيار هڪ وڏي ڪيليبر واري tٽينڪ گن هوندي آهي، جنهن سان گڏ مشين گن يا ٻيا هٿيار جهڙوڪ اينٽي ٽينڪ گائيڊڊ ميزائل يا راڪيٽ لانچر پڻ لڳل هوندا آهن. انهن وٽ ڳري بڪتر (armour) هوندي آهي جيڪا عملدار، گولي بارود جي ذخيري، ايندڻ جي ٽانڪي ۽ انجڻ کي تحفظ فراهم ڪندي آهي. ڦيٿن جي بدران ٽريڪس جو استعمال ٽينڪ کي گپ، برف ۽ اوکي لاهي چاڙهي واري علائقن ۾ به آسانيءَ سان هلڻ جي صلاحيت ڏئي ٿو. اهي خاصيتون ٽينڪ کي سخت جنگي حالتن ۾ جارحاڻي (offensively) ۽ دفاعي (defensively) ٻنهي صورتن ۾ ڪم ڪرڻ جي قابل بڻائين ٿيون.[1][2] جديد فوجي قوتن ۾ ٽينڪن جي مڪمل شموليت سان جنگ جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي جنهن کي بڪتربند جنگ (armoured warfare) چيو وڃي ٿو.
مين بيٽل ٽينڪ (main battle tank) جي ايجاد کان اڳ، ٽينڪن کي وزن جي لحاظ کان (جهڙوڪ هلڪي، وچولي، ڳري ٽينڪ) يا مقصد جي لحاظ کان (جهڙوڪ جاسوسي يا پيادل فوج جي مدد واري ٽينڪ) ورهايو ويندو هو.
نالو ۽ لغت (Etymology)
[سنواريو]لفظ ٽينڪ (tank) جو پهريون فوجي استعمال 1915ع ۾ برطانوي "لينڊ شپس" (landships) لاءِ ڪيو ويو هو، ته جيئن انهن جي اصليت کي ڳجهو رکي سگهجي.[3]
شروعات
[سنواريو]24 ڊسمبر 1915ع تي هڪ گڏيل ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن جو مقصد "ڪيٽرپلر مشين گن ڊيسٽرائرز يا لينڊ ڪروزر" جي منصوبن تي بحث ڪرڻ هو. Albert Gerald Stern پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿو ته ان ميٽنگ ۾ سيڪريٽريٽ جي سطح تي رازداري برقرار رکڻ لاءِ نالي تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. پهرين "واٽر ڪيئرر" (پاڻي کڻي ويندڙ) جو نالو تجويز ڪيو ويو، پر جڏهن ان جي مخفف (WC) تي اعتراض ٿيو ته ان کي تبديل ڪري "ٽينڪ" (Tank) ڪيو ويو. ائين هن هٿيار جو نالو ٽينڪ پئجي ويو.[4]
ليفٽيننٽ ڪرنل ارنيسٽ سوئينٽن موجب، هن ڪانفرنس جي رپورٽ لکڻ وقت هڪ غير واضح لفظ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ پنهنجي ساٿي آفيسر سان صلاح بعد "ٽينڪ" لفظ چونڊيو ويو.[5]
بين الاقوامي سطح تي
[سنواريو]انگريزي ڳالهائيندڙ دنيا ۾ لفظ "ٽينڪ" استعمال ٿئي ٿو، پر ٻين ملڪن ۾ مختلف اصطلاح آهن. فرانس ۾ ان کي char d'assaut (حملي واري گاڏي) چيو ويو. جرمني ۾ ان کي Panzer چيو ويندو آهي، جيڪو Panzerkampfwagen جو مختصر روپ آهي. عربي ۾ ان کي دٻابه (Dabbāba) چيو وڃي ٿو.[6] اٽالين ۾ ان کي carro armato (هٿياربند گاڏي) چيو ويندو آهي.[7]
ترقي جو جائزو
[سنواريو]جديد ٽينڪ هڪ صدي جي مسلسل ترقيءَ جو نتيجو آهي. پهرين عالمي جنگ ۾ ٽينڪن جي شروعات برطانيه ۽ فرانس پاران خندقن واري جنگ (trench warfare) جو خاتمو ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي هئي. پهرين برطانوي پروٽوٽائپ جنهن جو نالو Little Willie هو، 1915ع ۾ تيار ڪئي وئي هئي.[8]
ٻي عالمي جنگ دوران ٽينڪن ۾ وڏيون تبديليون آيون ۽ جرمني جي blitzkrieg (بليٽز ڪريگ) حڪمت عملي ٽينڪن جي طاقت کي ثابت ڪيو. ٿڌي جنگ دوران مين بيٽل ٽينڪ جو تصور سامهون آيو، جيڪو اڄ جي فوجن جو بنيادي هٿيار آهي.[9]
تاريخ
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو History of the tank
20هين صدي
[سنواريو]تصور
[سنواريو]ٽينڪ جو تصور تمام قديم آهي: فوجين کي حرڪت دوران تحفظ ۽ فائرنگ جي طاقت فراهم ڪرڻ. اندروني احتراق جي انجڻ (internal combustion engine)، بڪتربند پليٽن ۽ ٽريڪس جي ايجاد جديد ٽينڪ جي بنياد وڌي.
تاريخ ۾ بڪتربند گاڏين جو استعمال قديم چين جي هان خاندان جي دور ۾ پڻ ملي ٿو، جتي "وو گانگ ويگن" (Wu Gang Wagon) جو ذڪر آهي جيڪي تير اندازن کي تحفظ فراهم ڪندا هئا.

حوالا
[سنواريو]- ↑ Parker, Charlie; Grylls, George (24 March 2022). Brown, Larisa (مرتب). "Britain promised extra 6,000 missiles and war funds for Ukraine". The Times. ISSN 0140-0460.
- ↑ von Senger and Etterlin (1960), The World's armoured Fighting Vehicles, p. 9.
- ↑ "tank | Etymology, origin and meaning of tank by etymonline". www.etymonline.com (انگريزي ۾). 2023-07-09 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Tanks 1914–1918: The Log Book of a Pioneer. Hodder & Stoughton, 1919, p. 39
- ↑ Eye-Witness, And the Origin of the Tanks; Major-General Sir Ernest D. Swinton; Doubleday, Doran & Co., 1933, p. 161
- ↑ Kay, Ernest (2016-11-25). Arabic Military Dictionary: English-Arabic, Arabic-English (انگريزي ۾). Routledge. ISBN 978-1-315-51255-6.
- ↑ "English Translation of "carro armato" | Collins Italian-English Dictionary". www.collinsdictionary.com (انگريزي ۾). اصل نسخو مان 2016-10-30 تي محفوظ ڪيل. 2025-09-08 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "World War One: The tank's secret Lincoln origins". BBC News. 24 February 2014. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 13 September 2015 تي محفوظ ڪيل. 1 April 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedHouse1984