مواد ڏانھن هلو

ٽينڊرڊ ووٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽينڊرڊ ووٽ: Tendered Vote:

اليڪشن ۾ پولنگ ۾ جڏهن ووٽر پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيندو آھي تہ سڀ کان پھريون پولنگ آفيسر وٽ پيش ٿيندو آهي جيڪو اليڪٽرل رول مان ان جو نالو ۽ ٻيا تفصيل ڏسي ان ووٽر جو شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري، ان جو نالو ان اليڪٽرول لسٽ مان خارج ڪري ان ووٽر کي اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ڏي موڪليندو آھي جيڪو بيلٽ پيپر ووٽر کي جاري ڪندو آھي ۽ ووٽ داخل ٿي ويندو آهي . ڪڏهن ڪڏهن ايئن بہ ٿيندو آهي تہ پولنگ آفيسر تصديق ڪرڻ وقت ڏسندو آھي تہ ان نالي سان تہ ساڳي ڏينھن ووٽ داخل ٿي چڪو آھي، ۽ اھو نئون ماڻھو به تصديق کان پوءِ ساڳي شناخت وارو اھڙو ماڻھو ثابت ٿيندو آهي جنھن ووٽ اڃان داخل نہ ڪيو آهي. ان صورت ۾ اليڪشن ايڪٽ ،2017 مطابق اھڙي ماڻھوءَ کي بہ ووٽ داخل ڪرڻ جو اختيار آهي.

اليڪشن ايڪٽ ، 2017

[سنواريو]

پاڪستان ۾ اليڪشن جو نئون قانون اليڪشن ايڪٽ 2017 آھي جيڪو 2 آڪٽوبر 2017 کان لاڳو آھي. ان جي سيڪشن 85 مطابق جيڪڏهن ڪنھن ماڻھوءَ جي ووٽ ڏيڻ لاء بيلٽ پيپر حاصل ڪرڻ وقت خبر پئي تہ ٻيو ڪو ماڻھو ساڳي شناخت سان ووٽ جو حق استعمال ڪري چڪو آهي ۽ اھو پوءِ ايندڙ نئون ماڻھو شناخت جي قانوني گھرجن تي پورو لھندڙ ھجي تہ کيس ٻين ماڻهن وانگر ووٽ ڏيڻ جو پورو حق آهي پر کيس ٽينڊرڊ بيلٽ پيپر ڏنو ويندو جيڪو ووٽر جي مخفي طرح ٺپي لڳائڻ کان پوءِ ويڙھيل حالت ۾ عام بيلٽ باڪس جي بدران ٽينڊرڊ پيپرن لاءِ مخصوص لفافي ۾ وڌو ويندو. پرزائيڊنگ آفيسر ان ووٽر جو نالو ٽينڊرڊ بيلٽ پيپرن جي لسٽ ۾ ان ووٽر جو نالو درج ڪندو. پولنگ جي مرحلي کان پوء، پرزائيڊنگ آفيسر ٽينڊرڊ ووٽ لسٽ، ووٽر جن اھو حق استعمال ڪيو انھن جي شناختي ڪارڊن جون ڪاپيون ۽ ٻيا ڪي ڪاغذ جيڪي انھن ووٽرن پيش ڪيا ھجن،اليڪٽرل رول ۽ڪائونٽر فوائل جن تي اڳ م اچي ووٽ ڏئي ويندڙ جي آڳوٺي جو نشان موجود ھوندو آھي، ٽينڏرڊ ووٽن جي سيل ٿيل لفافي سميت ريٽرننگ آفيسر جي حوالي ڪندو . اھو سڄو رڪارڊ ريٽرننگ آفيسر اليڪشن ڪميشن جي حوالي ڪندو جيڪا وري نيشنل ڊيٽابيس۽ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ڏي تصديق لاء موڪليندي جنھن سان اھو ووٽر جنھن دوکي سان ووٽ ڏنو پوء اھو اڳيون ھجي يا بعد ۾ ٽينڊرڊ ووٽ ڏيڻ ان خلاف فوجداري قانون تحت ايڪشن کنيو ويندو.جہڪڏھن اھو عمل پولنگ اسٽاف جي غفلت جي ڪري ظاھر ٿيندو تہ پوءِ ذميدار پولنگ آفيسر تي غفلت جي قانوني ڪاروائي ٿيندي.